رپورٽ: چمبڙ جي ڳوٺاڻن کي اهڙو ڇا ٿيو جو ڪيائون پوليو ڦڙا پيارڻ کان انڪار؟؟؟

چمبڙ ويجهو ڳوٺاڻن اسڪول بحال ڪرڻ لاءِ ٻارن کي پوليو جا قطرا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

ڳوٺ ونگي اوٺا ۾ 10 ورهين کان بند پرائمري اسڪول نه کولڻ سبب ڳوٺاڻن لياقت يونس اوٺو، طالب حسن اوٺو، شڪيل احمد اوٺو، اعثمان اوٺو، رشيد اوٺو ۽ ٻين احتجاجن طور ٽيم کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪيو.

ڳوٺاڻن احتجاج ڪندي ٻڌايو ته اسڪول بند هجڻ ڪري ٻارن جي تعليم متاثر ٿي رهي آهي.

هنن چيو ته تعليم کاتي جي لاڳاپيل عملدارن کي ڪيترائي ڀيرا اسڪول بند ھجڻ جون شڪايتون ڪيون پر ڪير به ٻڌڻ لا تيار ناھي.

ڳوٺاڻن چتاءُ ڏنو ته جيستائين اسڪول بحال نه ڪيو ويندو، هو ٻارن کي پوليو جا ڦڙا نه پياريندا…………..

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.