رپورٽ: ميرپورخاص: سول اسپتال ۾ گندگيءَ ۽ سهولتن جي کوٽ خلاف مريضن جي وارثن جو احتجاج

*ميرپورخاص سول اسپتال  ۾ هر طرف بدبوءِ ۽ گندگي جا ڍيرهجڻ ۽  ڊاڪٽرن توڙي پيرا ميڊيڪل عملي جي غير حاضر هجڻ خلاف مريضن  ۽سندن وارثن احتجاج ڪيو .

ان موقعي تي عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي مريضن ۽ سندن  وارثن چيو ته اسپتال ۾ ڪا به سهولت ميسر نه آهي نه ڊاڪٽر آهن ۽ نه ئي دوائون  ميسر آهن

 هنن ٻڌايو ته جن مريضن جو آپريشن ٿيو آهي انهن جي مرهم پٽي به نه ٿي رهي آهي جنهن ڪري زخم خراب ٿي رهيا آهن

 هنن ٻڌايو ته اسپتال ۾ صفائي سٿرائي جو ڪو به بندوبست نه آهي هر طرف گندگي جا ڍير آهن جڏهن ته بدبوءِ مريضن کي وڌيڪ بيمار ڪري ڇڏيو آهي

ايس او ٽي

ٻئي طرف سول سرجن ڊاڪٽر اڪرم سلطان جو چوڻ آهي ته اسپتال جو ماحول خراب ڪرڻ ۾ ڊاڪٽرن ۽ عملي جو هٿ آهي ڪارروائي ڪريان ٿو ته هڙتال ڪري بليڪ ميل ڪيو پيو وڃي

ايس او ٽي سول سرجن

علائقي جي ساڃاهه وندن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي اپيل ڪئي آهي ته مامري جو نوٽيس وٺي اسپال ۾ مريضن کي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ جوڳا قدم کنيا وڃن

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.