ڪراچي:غلط انجيڪشن لڳڻ سبب هڪ ٻي ٻارڙي فوت

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) غلط انجيڪشن جو هڪ ٻيو واقعو سامهون اچي ويو جنهن ۾ ڪورنگي بلال ڪالوني بنگالي پاڙي جي رهواسڻ چار سالن جي رضيه مبينا طور تي غلط انجيڪشن لڳڻ سبب فوت ٿي وئي. تفصيل موجب جناح اسپتال ۾ رضيه جي پيءُ اختر ٻڌايو ته سندس ڌيءَ کي ڇنڇر جي ڏينهن ارڙي ۾ تيز بخار ٿيو جنهن تي هو ٻارڙي کي گهر جي ويجهي ڪلينڪ تي کڻي ويا، ڪلينڪ تي موجود ڊاڪٽر ٻارڙي کي انجيڪشن هنئي. پيءُ موجب هن اِهو پڇيو به هو ته ڇا ٻارڙي کي انجيڪشن هڻڻ ضروري آهي؟ پر ڊاڪٽر نه مڃيو ۽ انجيڪشن هڻي ڇڏي جنهن بعد هو گهر واپس اچي ويا، آچر جي رات سندس ڌيءَ جي انتهائي تيزي سان خراب ٿي وئي ۽ هوءَ فوري طور تي فوت ٿي وئي. اختر الزام هنيو ته سندس ڌيءَ جو وفات ڊاڪٽر عمران جي هنيل سئي جي ڪري ٿي، رات دير سان ننڍڙي رضيه جو لاش قانوني ڪارروائي لاءِ جناح اسپتال اماڻيو ويو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.