عالمي ڪپ لاءِ سريلنڪن اسڪواڊ مان وڏا نالا گم

ڪولمبو (ويب ڊيسڪ) سريلنڪا ورلڊ ڪپ 2019 لاءِ پنهنجي 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ تجربي ڪار بيٽسمينن ۽ اڳوڻي ڪپتانن دنيش چندي مل ۽ اپر ٿرنگا کي ڊراپ ڪيو ويو آهي. انگلينڊ اينڊ ويلز ۾ ٿيندڙ ورلڊ ڪپ لاءِ سريلنڪن ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳواڻي دمٿ ڪرونارتني ڪندو، سريلنڪن ڪرڪيٽ بورڊ اختيارين گذريل ڏينهن ئي لاسٿ ملنگا کي ڪپتاني تان هٽايو هو. سريلنڪا جي نئين ڪپتان 2015 جي ورلڊ ڪپ کانپوءِ ڪا به ون ڊي ميچ ناهي کيڏي پر ان باوجود کيس تجربي ڪار رانديگرن ملنگا ۽ انجيلو ميٿيوز تي ترجيح ڏني وئي. سريلنڪن ڪرڪيٽ ٽيم ورلڊ ڪپ ۾ پنهنجي مهم جي شروعات پهرين جون کان ڪندي، جنهن لاءِ اعلانيل 15 رڪني اسڪواڊ ۾ دمٿ ڪرونارتني (ڪپتان)، آوشڪا فرنينڊو، لهيرو ٿريماني، ڪوشل مينڊس، ڪوشل پريرا، انجيلو ميٿيوز، ڌننجيا ڊي سلوا، جيفري وينڊرسي، ٿسارا پريرا، لاسٿ ملنگا، ايسورو يوڊانا، سرنگا لڪمل، نوان پرديپ، جيون مينڊس ۽ ملندرا سري وردنا شامل آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.