سام سنگ طرفان پاڪستان لاءِ ايس 10 سيريز جا فون سستا ڪرڻ جو اعلان

سئول (ويب ڊيسڪ) سام سنگ پنهنجا نوان فليگ شپ فون گليڪسي ايس 10 ۽ ايس 10 پلس جا اگھه پاڪستاني واهپيدارن  لاءِ گھٽ ڪري ڇڏيا آهن. سام سنگ جا اهي فليگ شپ فون 20 فيبروري تي سان فرانسسڪو ۾ هڪ ايونٽ دوران متعارف ڪرايا ويا جڏهن ته پاڪستان ۾ گذريل مهيني وڪرو لاءِ پيش ڪيا ويا. ان وقت گليڪسي ايس 10 جو ملهه هڪ لک 64 هزار 999 رپيا جڏهن ته ايس پلس جي هڪ لک 79 هزار 999 رپيا رکي وئي هئي. پر هڪ مهيني کان پوءِ ئي سام سنگ ٻنهي فون جي اگھن ۾ گھٽتائي جو اعلان ان وقت ڪيو آهي جڏهن هواوي پي 30 پرو کي جلد پاڪستان ۾ وڪري لاءِ پيش ڪيو پيو وڃي. سام سنگ طرفان سوشل ميڊيا تي انهن فونن جي اگھن جي گھٽتائي جو اعلان ڪيو ويو. هن وقت پاڪستان ۾ ايس 10 ۽ ايس 10 پلس جا 8 جي بي ريم ۽ 128 جي بي اسٽوريج وارا ورجن موجود آهن. سام سنگ گليڪسي ايس 10 جي اگھه ۾ 25 سيڪڙو گھٽتائي سان هڪ لک 40 هزار جڏهن ته ايس 10 پلس جو اگھه 20 هزار رپيا گھٽائي  هڪ لک 60 هزار رپيا ڪيو ويو آهي. اهي فون گذريل سال جي گليڪسي ايس نائن سيريز فون جي ڀيٽ ۾ وڏا آهن، گليڪسي ايس 10 ۾ 6.1 انچ ڊسپلي، 3 بيڪ ڪيمرائن جو سيٽ اپ ۽ هڪ سيلفي ڪيمرا ڏني وئي آهي.   گليڪسي ايس 10 پلس ۾ 6.4 ابچ ڊسپلي هول پنچ ڊوئل ڪيمرا سيٽ اپ موجود آهي، اهي ٻئي فون گذريل سال جي گليڪسي ايس 9 جيان واٽر ريزيزٽنٽ ۽ ڊسٽ پروف آهن. گليڪسي ايس 10 ۾ 3400 ايم اي ايڇ جڏهن ته گليڪسي  ايس 10 پلس ۾  4100 ايم اي ايڇ بيٽري ڏني وئي آهي، جيڪا ڪنهن به گليڪسي ايس فون ۾ هن وقت تائين جي سڀ کان طاقتور بيٽري آهي. ٻنهي فون ۾ ڪوالڪوم سنيپ ڊراگون 855 پراسيسر ۽ پويان 3 ڪيمرائن جو سيٽ ا پ اٿس، جن مان هڪ 16 مگيگا پسڪل الٽرا وائيڊ اينگل لينس آهي، ٻيو 12 ميگا پڪسل وائيڊ اينگل جڏهن ته ٽيون 12 پڪسل ٽيلي فوٽو ڪيمرا آهي. ٻنهي ۾ وائرليس چارجنگ جو فيچر به موجود آهي ۽ ان سان ٻين ڊيوئسز کي به وائرليس چارج ڪري سگھجي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.