ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستاني ڄائي ڪينيڊين سائنسدان هٿرادو دماغي چپ تيار ڪري ورتي. فرض ڪريو اوهان ڪنهن لاعلاج دماغي بيماري جو مقابلو ڪري رهيا آهيو ۽ اوهان جي حياتي بچائڻ لاءِ اوهان جي دماغ ۾ هٿرادو سيمي ڪنڊڪٽر چپ لڳائي وڃي ته اوهان ڪيئن محسوس ڪندئو، يقينن اوهان تمام گهڻو خوش ٿيندا، هاڻ ائين ممڪن ٿيڻ وارو آهي ۽ اهو به هڪ پاڪستاني ڄائي ڪينيڊين سائنسدانن ڊاڪٽرن نويد سيد جي ڪوششن سان. لڳ ڀڳ ٻن ڏهاڪن کان جاري ڪوششن، تجربن ۽ مشاهدن بعد دماغي چپ انساني استعمال لاءِ استعمال جوڳي ٿيڻ واري آهي. پهرين مرحلي ۾ اها چپ مرگي جو شڪار اهڙن مريضن لاءِ استعمال ۾ آندي ويندي جن تي ڪا به دوا اثر ناهي ڪندي. دماغي چپ جي استعمال سان نه رڳو مرگي جي دورن جا سبب معلوم ٿي ويندا پر اها چپ دماغ ۾ دورن سبب پيدا ٿيندڙ تبديلين جي به ڄاڻ ڏيندي. هٿرادو چپ انساني دماغ جي سيلن کي ٻڌي جواب به ڏئي سگهندي. ڊاڪٽر نويد سيد جي تيار ڪيل چپ ايم آر آءِ سان به هڪجهڙائي رکي ٿي ۽ ڊاڪٽرن لاءِ ايم آر آءِ ۾ دورن جي اصلي جاءِ جو فيصلو ڪرڻ ۾ به مددگار ثابت ٿيندي، اهڙي ريت دماغي چپ سرجيڪل اوزارن ۽ تربيت جي معاملي ۾ به اهم ڪاميابي مڃي ويندي. ان جديد ترين ٽيڪنالوجي جو تمام جلد ڪينيڊا جي ڪلجير يونيورسٽي البرٽا ۾ انسانن تي تجربو ڪيو ويندو.

You might also like