ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ماحوليات وارو آمدني کان وڌيڪ ملڪيت ٺاهڻ واري ڪيس ۾ عدالت ۾ پيش ٿيو، عدالت تيمور ٽالپر کي سومر ڏينهن 11 هين وڳي نيب آفيس ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت، تيمور ٽالپر جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو تھ توهان جو اصيل پهريون ڪڏهن جاچ آفيسر سامهون پيش ٿيو آهي. تيمور ٽالپر جي وڪيل چيو تھ سنس موڪل کي جڏهن بھ طلب ڪيو ويو آهي هو عدالت ۾ پيش ٿيو آهي. عدالت چيو تھ توهان چئو ٿا تھ ملزم نيب ۾ پيش ٿيندو آهي، جاچ آفيسر چوي ٿو تھ ملزم نوٽيس کان پوءِ بھ پيش نھ ٿو ٿئي. نيب ، موقت اختيار ڪيو تھ تيمور ٽالپر نيب آفيس ۾ پيش ٿيو هو ، ان جو نالو وزيٽر بڪ ۾ کيو هو. عدالت نيب پراسيڪيوٽر کان پڇاڻو ڪيو تھ توهان ملزمن جو نالو وزيٽر بڪ ۾ لکو ٿا ڇا انهن ماڻهن سان وزيرٽر طور پيش اچو ٿا. عدالت رمارڪس ڏنا تھ توهان ماڻهن کي وزيٽر طور لکو ٿا ۽ هتي ماڻهن جو ساهه نڪري وڃي ٿو. عدالت پڇاڻو ڪيو تھ جڏهن تھ ماڻهن کي طلب ڪيو ٿا تھ انهن بابت ڊائري ٺاهيو ٿا. عدالت نيب اختيارين کي آفيس کان باهر سي سي تي وي ڪيمرا لڳائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. عدالت تيمور ٽالپر کي سومر ڏينهن 11 هين وڳي نيب آفيس ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

You might also like