ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ اسيمبلي، ايم پي اي هاسٽل جي نئين عمارت جي اڏاوت ۾ مبينا گهوٻين بابت ٻڌڻي دوران عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته رڳو سنڌ اسيمبلي بلڊنگ ڪرپشن ئي نه، ٻين عملن جو به جائزو وٺنداسين. تفصيل موجب سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سنڌ اسيمبلي، ايم پي اي هاسٽل جي نئين عمارت جي اڏاوت ۾ مبينا گهوٻين بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. عدالت ۾ داخل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته نئين سنڌ اسيمبلي عمارت جي اڏاوت ۾ وڏي پئماني تي ڪرپشن ڪئي وئي، پي سي ون موجب عمارت جي ڪل لاڳت 2 ارب 70 ڪروڙ رپيا لڳائي وئي. درخواست گذار موجب عمارت جي لاڳت وڌائي 11 ارب 40 ڪروڙ رپيا ڪئي وئي آهي، 30 جون 2017ع تائين 6 ارب 72 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ رقم جاري ٿي چڪي آهي. درخواست ۾ موقف ڄاڻايو ويو آهي ته 50 سيڪڙو ڪم مڪمل نه ٿيڻ باوجود ايڏي وڏي رقم جاري ڪئي وئي، پروجيڪٽ جي نگراني سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر آغا سراج دراني ڪري رهيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ مڪاني ادارن ۾ ٿيل ڀرتين جي 17 سالن جو ريڪارڊ طلب ڪري ورتو، عدالت پڇاڻو ڪيو ته ايس بي ايس اي، ڪي ايم سي، ڊي ايم سي، واٽر بورڊ ۾ ڪيتريون ڀرتيون ٿيون؟ عدالت رمارڪس ڏنا ته ٻڌايو وڃي، ڪنهن کي ڪهڙي عهدي تي مقرر ڪيو ويو، ميرٽ ڇا هئي، سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ اسيمبلي ۾ ٿيندڙ ڀرتين جو ريڪارڊ طلب ڪندي چيو ته 2000ع کان 2017ع تائين ٿيل ڀرتين جو بريڪ اپ ڏنو وڃي. عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته رڳو سنڌ اسيمبلي بلڊنگ ڪرپشن ئي نه، ٻين عملن کان به جائزو وٺنداسين، ڏسڻو پوندو ته ڇا درخواست گذار جا پنهنجا هٿ صاف آهن. جنهن بعد سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪيس ۾ درخواست گذار، ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل کي پيش ٿيڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like