ملير/عمرڪوٽ/ڇور (نمائندا ) ڪراچي ۾قتل ٿيل نوجوان ذوالفقار سميجو ڇور ۾مٽيءَ ماءُ حوالي، ملير ۽ ڇور ۾احتجاجي مظاهرا، قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو، گذريل ڏينھن ڪراچي جي علائقي ڊفينس فيز 4 واري علائقي ۾ھٿياربند هٿان گوليون ھڻي بيدردي سان قتل ڪيل ڇور ويجھو ٿر جي ڳوٺ ٻانڌو جو رھواسي 25 سالن جو شھيد ذوالفتار سميجو جو لاش رات دير سان اباڻي ڳوٺ پھچڻ تي گھر ۾ڪھرام مچي ويو، جڏھن تي مقتول نوجوان جي جنازي نماز ۾علائقي واسين وڏي تعداد ۾شرڪت ڪئي، بعد ۾نوجوان جو لاش مقامي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، ٻئي طرف مقبول جي مائٽن اقبال سميجو، جلال دين، بھادر خان، رضا احمد ۽ ٻين صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته اسان جي نوجوان کي بيگناھه قتل ڪيو ويو آھي، 30 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار ڪرڻ بدران مقتول جي ڀاءُ امين سميجو سميت مختلف ماڻھن تي گزري ٿاڻي تي ڪوڙو ڀڃ ڊاھه ۽ روڊ بلاڪ ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو آھي، جيڪا اسان غريب ٿر واسين سان وڏي ناانصافي آھي، اسان ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، وڏي وزير، آءِ جي سنڌ کي اپيل ڪريون ٿا تي فورن نوٽيس وٺي قاتل گرفتار ڪري اسان سان انصاف فراھم ڪيو وڃي، ھوڏانھن ڇور ۾مختلف سماجي تنظيمن طرفان ڇور پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪندي قاتل جي گرفتاري لاءِ سخت نعريبازي ڪئي وئي، ان موقعي تي سماجي اڳواڻ عاجز عرفان، شوڪت اسٽار، پرٿويراج سنگھه سوڍو، رحمان سنڌي، وڪيل معشوق علي، اڪبر علي، نواز نھڙي، علي نواز جوڳي، عمر اعجاز، رحمان گل ۽ ٻين چيو ته ٿر جي غريب پورھيت مزدور نوجوان کي بنا جواز گوليون ھڻي قتل ڪيو ويو آھي جيڪا ٿر جي مظلوم رھواسين سان وڏي ناانصافي آھي، هنن اعليٰ اختيارين کان اپيل ڪئي ته قاتل گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي، عمرڪوٽ ۾فقير محب مڱريو، پون هرچنداڻي، جي ايم راهمون ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾احتجاج ڪيو ويو، ٻي طرف ملير ۾نوجوان جي قتل خلاف جيئي سنڌ تحريڪ ملير پاران ملير پريس ڪلب آڏو عمران نوناري، ساگر سعيد، جسقم اڳواڻ مختيار سومرو، جساف جي جي ايم سيال، سالار سنڌي جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن جو احتجاجي مظاهرو، ان موقعي تي مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته معصوم جي قتل تي خاموشي حڪمرانن لاءِ هڪ سواليا نشان آهي، اڳواڻن چيو ته اسين سنڌ حڪومت کي چتاءُ ٿا ڏيون ته 24 ڪلاڪن اندر پورهيت ذوالفقار سميجو جي قاتل شمس السلام کي گرفتار نه ڪيو ويو ته سڄي سنڌ اندر احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا.

You might also like