هڱورجا مان امن جو پکي اڏامي ويو، 3 وارداتون، احتجاج

هڱورجا (ن ع آ) ھڱورجا شھر مان امن جو پکي اڏامي ويو، شھري غير محفوظ ھڪ ئي ڏينهن ڦر جون 3 وارداتون، ھڱورجا ٿاڻي جي حد نولکي  لڳ 3 ھٿياربندن ڏينهن ڏٺي جو پ پ تعلقي سوڀوديرو جي اڳوڻي صدر الھورايو چنو کان نئين موٽر سائيڪل,روڪ رقم ۽ موبائيل فون ڦر ڪري ويا.اطلاع ملڻ تي پ پ ڪارڪن ۽ چنا برداري جا ماڻهو ٿاڻي تي پھچي ويا جن واقعي خلاف ٿاڻي اڳيان احتجاج ڪيو، ٿوري دير بعد واردات واري جڳهه کان ٿورو اڳيان نولکي لڳ ھٿاربند جاويد ھرياھ کان موٽر سائيڪل روڪ رقم ۽ موبائيل ڦر ڪري ويا. ھوڏانھن ھٿياربند ھڱورجا بس اسٽاپ تان احمد الدين شيخ جي ايل پي جي جي دوڪان تان 60 روڪ ڦر ڪري فرار ٿي ويا. شھر ۾ وڌندڙ بدامني خلاف شھرين ۽ سماجي ڌرين ۾ سخت تاءُ پکڙيل آهي، ھڱورجا دوست فورم جي اڪبر خان جماڻي، ڄام محبت علي سھتو، محمد شريف شيخ، ھنڱورجا يوٿ فورم جي صدر جميل علي ڀٽو,دوڪاندار ايسوسيئشن جي محمد رفيق شيخ ۽ ٻين وڌندڙ بدامني خلاف پوليس آفيسرن سامهون احتجاج جو اعلان ڪيو آهي اڳواڻن چيو ته ھڱورجا جو شھري ڏينهن ڏٺي جو غير محفوظ آهي چوريون ۽ چوريون روز جو معمول بڻيل آهن پر پوليس مڪمل ناڪام بڻجي وئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.