ڪنڌڪوٽ ( رپورٽ : ممتاز سنڌي ) ڪنڌڪوٽ شھر جي مرزانپور پاڙي مان ڇھہ ڏينهن اڳ بي رحم ڏوھارين ھٿان اغوا ٿيل معصوم گلن جھڙو نازڪ ٻالڪ سمرت ڪمار کي پوليس اڃان تائين بازياب نه ڪرائي سگهي آهي معصوم نينگر سمرت ڪمار جي بازيابي لاءِ ۽ وڌندڙ بدامني خلاف جماعت اسلامي پاران معصوم ٻار، اسڪولي ٻارڙا ساڻ ڪري گھنٽا گھر چوڪ کان حافظ نصر اللّٰه چنا، غلام مصطفيٰ ميراڻي، شبير ميراڻي، عبيداللّٰه ميرالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين ٻارن ۽ شھرين احتجاجي مظاھرو ڪري پريس ڪلب پھتا امن ڏيو امن ڏيو معصوم پنهنجي ماءُ کي موٽايو جي نعريبازي ڪندي اڳواڻن چيو ته پوليس امن قائم ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي وئي آهي روزاني ڦر، ڌاڙا چوريون روز جو معمول ٿيڻ ڪري عوام بي سڪون ۽ ذھيني پريشان آهي انھي ماءُ جا ڳوڙھا ڪنهن کي به نظر نه ٿا اچن نمائندا صرف ڪرسي کي چنبڙيل آهن سمرت ڪمار سميت انھي وقت اٽڪل 35 ڄڻا اغوا ٿيل آهن مغوين جي گھرن ۾ چلھہ نه ٿو ٻري پري پوليس ۽ وس وارن کي ڪو احساس به نه آهي سمورن مغوين کي بازياب ڪرائي امن قائم ڪرايو وڃي ٻئي پاسي ھندو پنچائت جي سڏ تي گھنٽا گھر چوڪ تي احتجاجي ڪيمپ لڳائي وئي جنهن ۾ ھندو پنچائت جي اڳواڻن نندلال، چوڌري ديوان لال، دليپ ڪمار ٺاڪر، مغوي معصوم نينگر جو پيءُ اجيت ڪمار، انجنيئر موٽواڻي، سنتوش اگروال، اشوڪ ڪمار، جئرام سچديو، بشير ميراڻي، مير شيراز خان ڊومڪي، ظريت بجاراڻي، سجاد بروھي، شاھنواز مرھیٽو، ڪامريڊ عباس باجڪاڻي، سلطان نندواڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين شھرين معصوم جي تصوير وارا بينر کڻي ڪري احتجاج ڪيو انھي دوران به امن جا نعرا لڳايا ويا انھي موقعي تي احتجاج دوران ميڊيا سان ڳالھائيندي شھري اڳواڻن ۽ ھندو پنچائت اڳواڻن چيو ته امن مڪمل ختم آهي گھرن ۾ به خوف سان رھون ٿا پوليس خاموش بڻيل آهي سمرت ڪمار جي امڙ صدمي ۾ روز مري روز جئي پئي خدا جو واسطو اٿو جيڪي به اغوا ٿيل آهن ھنن کي بازياب ڪرائي امن قائم ڪرايو وڃي سمرت ڪمار جي بازيابي لاءِ احتجاج جو سلسلو جاري رھندو مسلسل احتجاجن ۽ سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس پاران نوٽيس وٺڻ بعد ايس ايس پي عرفان سمون معصوم نينگر سمرت ڪمار جي گھر پھچي والد اجيت ڪمار سميت وارثن سان ھمدردي ڪندي نينگر کي جلد بازياب ڪرايو ويندو.