مغوي آزاد نه ٿيا، ڪنڌڪوٽ ۾گولا برادري جو ڪٺ

ڪنڌڪوٽ ( پ ر ) ڪنڌڪوٽ پوري ضلعي اندر وڌندڙ بدامني ۽ مغوين جي آزاديءَ لاءِ گولا برادري جي سردرا پاران ڪنڌڪوٽ لڳ ڳوٺ زور ڳڙھہ ۾ گولا برادري جو ڪٺ گھرائي ورتو جنھن ۾ گولا  برادري جي سوين ماڻھن ۽ برادري جي مقدمن سميت علائقي جي معززين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ڪٺ کي خطاب ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالھہ ٻول ڪندي سردار محمد صلاح خان گولو چيو تہ ڪنڌڪوٽ ڪشمور ضلعو مڪمل طور تي بدامني جي باھہ ھيٺ آهي ان باوجود به چونڊيل نمائندن قومي، صوبائي اسمبلين م آواز نه اٿاريو معصوم سمرت ڪمار سميت ضلعي مان اغوا ٿيل 35 کان وڌيڪ مغوين جي گهرن ۾ ھن وقت قيامت برپاءُ ٿيل آهي پر افسوس جو اڄ ڏينهن تائين عوام جي ووٽ سان اقتدار ماڻيندڙ سياسي اڳواڻن ۽ پوليس انتظاميا سندن جي ڏک ۾ برابر شريڪ ٿيڻ لاءِ انھن جي گھر نه پھتا آهن ڪشمور ڪنڌڪوٽ جي ڪمانڊر مغوين جي بازيابي لاءِ اثرائتو قدم کنيو ته ٺيڪ نه ته ٻئي صورت ۾ 20 سال اڳ وارو پراڻو دؤر ورجايو ويندو ۽ ماڻھون پنھنجن جي بازيابي لاءِ پاڻ ڪچي ۾ لھي پوندا اڄوڪي ڪٺ سڏائڻ جو مقصد پوليس ڪمانڊر سميت چونڊيل نمائندن جو ڌيان ڇڪائڻ آهي ٻئي صورت ۾ ڀرپور تحريڪ ھلائڻ اعلان ڪيو ويندو ھن وڌيڪ ايندڙ اليڪشن ۾ موجوده سياسي چھرن کي ووٽ ۽ سپورٽ ڪرڻ کان بائيڪاٽ ڪيان ٿو وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن سميت ضلعي ڪشمور جا چونڊيل نمائيندا، ڪشمور پوليس انتظاميا گونگا ۽ ٻوڙا بڻيل آهن ايس ايس پي ڪشمور عرفان علي سمون آفيس ۾ ويھي نه ٿو ھاڻي اسان سمرت ڪمار سميت ٻين مغوين جي بازيابي لاءِ آخري ڀيرو ملاقات ڪنداسين جيڪڏھن ايس ايس پي خاطر خواہ جواب ڏنو ته ٺيڪ نه ته اسين پاڻ ڪچي ۾ لھنداسين پوءِ جيڪو به نقصان ٿيو ان جو ذميوار ايس ايس پي ڪشمور عرفان علي سمون ۽ سنڌ حڪومت ھوندي ان موقعي سردار زادہ نويد علي خان گولو، ذوالفقار علي گولو، مقدم عبدالنبي گولو، زاھد حسين گولو ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.