ڪنڌڪوٽ ( ڊ ر ) ڪنڌڪوٽ ناپرڪوٽ ٿاڻي جي حد لنڊي شاخ واري علائقي ۾ اڻڄاتل ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل غوثپور واسي پورھيت اميربخش ملڪ جي جنازي نماز شهر جي جامع مسجد ۾ ادا ڪئي وئي۔ سندس جي جنازي نماز درگاه شاھ غوث جيلاني جي سجاده نشين سيد يعقوب علي شاھ جيلاني پڙھائي۔ شهيد امير بخش جي جنازي نماز ۾ ايس ايس پي شڪارپور امجد احمد شيخ سيد محبوب علي شاھ جيلاني، ايس ايڇ او غوثپور اختيار احمد ناريجو شهرين صحافين توڙي مٽن مائٽن ۽ سول سوسائٽي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي۔ ان موقعي تي ايس ايس پي شڪارپور امجد احمد شيخ پاران سندس جي وارثن کي يقين ڌياني ڏيندي چيو ته امير بخش ملڪ شهيد ٿي ويو آهي انشاء الله شهيد جو خون رائيگان نه ويندو جيسيتائين شهيد امير بخش ملڪ جي قاتلن کي جهنم رسيد نه ڪندس تيستائين سک سان نه ويھندس۔ سندس جي جنازي نماز بعد مقتول پورھيت کي سوين آلين اکين ۽ سُڏڪن سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.