خانپور مهر لڳ ٻن ٻارن جي ماءُ پاران زهر پئي آپگهات ڪوشش

خانپورمهر ( ن ع آ ) خانپورمهر ڳوٺ سخيرو ملڪ ۾ ٻن ٻارن جي ماءُ مسمات نصيبان ملڪ جوابدار مڙس هدايت الله ملڪ جي ظلمن کان  تنگ اچي مبينا طور زهر پي آپگهات ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، عورت کي بيهوشي جي حالت ۾ وارث خانپورمهر جي سرڪاري اسپتال کڻائي آيا، عورت جي حالت وڌيڪ خراب هجڻ ڪري سکر اسپتال ريفر ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ عورت جي ڀاءُ احسان ملڪ صحافين کي ٻڌايو ته سندس ڀيڻ مسمات نصيبان ملڪ جوابدار مڙس هدايت الله ملڪ جي ظلمن کان تنگ ٿي گذريل ڏينهن طلاق لاءِ گهوٽڪي جي عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪرائي هئي، پٽيشن داخل ڪرائڻ بعد سندس مڙس ڏمرجي پيو جنهن ساٿين سان گڏجي ڀيڻ کي تشدد جو نشانو بڻايو، جوابدار ڀيڻ سان مسلسل زيادتيون ڪندو هو جنهن ڪري هن اهڙو قدم کنيو آهي، جوابدار خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، پوليس موجب اين سي رپورٽ داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.