جنسي طور تي هراسان ٿيڻ ڳنڀير ۽ سنجيده مسئلو آهي ۽ گهڻا ماڻهو ان تي کليل نموني ڳالهائڻ کان پاسو ڪندا آهن.
گهڻو ڪري اهو سمجهيو ويندو آهي ته اها شرم جي ڳالهه آهي ۽ جنهن سان اهو ٿيو آهي اهو ئي ڀوڳيندو آهي. اڪثر عورتون مختلف نفسياتي مسئلن جو شڪار ٿي وينديون آهن ۽ ڪي ته نوڪري ئي ڇڏي ڏينديون آهن.