پاڪستانين کي مبارڪ هجي، فتني مان جان ڇُٽي وئي: مريم نواز

 

وهاڙي (ويب ڊيسڪ) ن ليگ جي سينيئر نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته فوج خلاف هٿياربند بغاوت جو سربراهه عمران خان آهي، جيڪو اڄ سڄي دنيا لاءِ عبرت جي تصوير بڻيل آهي، توهان جي ٽڪيٽ وٺڻ وارو هاڻ ڪير نه هوندو، يور گيم از اوور.

وهاڙي ۾ يوٿ ڪنوينشن سان خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته 9 مئي سانحي تي دل رت جا ڳوڙها روئي ٿو، اڄوڪو ڪنوينشن شهيدن ۽ غازين جي نالي ڪيون ٿا، شهيدن جانيون قربان ڪري ملڪ جي حفاظٽ ڪئي، شهيد 23 ڪروڙ عوام جا آهن.

هن چيو ته ڪو بدنصيب ئي هوندو، جنهن پنهنجي سياست لاءِ شهيدن جي يادگارن کي باهه ڏني، ڪو به محب وطن پنهنجي ملڪ سان اها غداري نٿو ڪري سگهي، 9 مئي واقعن جو منصوبو زمان پارڪ ۾ ٺهيو، عمران خان جي گرفتاري تي پي ٽي آءِ جي جٿن حساس مليڪتن تي حملا ڪيا، منصوبابندي تحت اهو سڀ ڪجهه ڪيو ويو، قوم جواب گهري رهي آهي ته شرپسندن فوجي ملڪيتن جو ئي رُخ ڇو ڪيو؟

سندس چوڻ هو ته حملن جو مقصد پاڪ فوج کي ڪمزور ڪرڻ هو، ان منصوبابندي ۾ عمران خان جا سهولتڪار به ملوث آهن، فوج خلاف هٿياربند بغاوت جو سربراهه عمران خان آهي، جيڪو اڄ سڄي دنيا لاءِ عبرت جي تصوير بڻيل آهي.

مريم نواز چيو ته عمران خان جي جماعت سندس ساٿ ڇڏي وئي، مبارڪ هجيوَ پاڪستانيو، توهان جي فتني مان جان ڇُٽي وئي، وطن جي غدار جي ٽڪيٽ وٺڻ وارو هاڻ ڪير ناهي، توهان جي ٽڪيٽ وٺندڙ جو عوام اهو ئي حشر ڪندو، جيڪو 9 مئي جي جوابدارن سان ٿيو، يور گيم از اوور.

ن ليگ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته مان پنهنجي پيءَ جو ڀرپور ساٿ ڏنو، ڇو ته هو حق تي آهي، مان نه مٿي تي بالٽي رکي نه ڄنگهه تي پلستر ٻڌو پر بهادري سان ميدان ۾ بيٺي آهيان، نواز شريف ۽ مان انتقام تي يقين نٿا رکون.

You might also like
1 Comment
  1. علي بروھي / Ali Brohi says

    ”پاڪستانين کي مبارڪ هجي، فتني مان جان ڇُٽي وئي: مريم نواز“
    دعا ٿا گھرون ته رب پاڪ شال پاڪستاني عوام کي نواز، شھباز، مريم صفدر، مريم اورنگزيب ۽ راڻا ثناءُ جي نحوست کان هميشھ هميشھ لاءِ نجات نصيب فرمائي آمين ثم آمين.

Leave A Reply

Your email address will not be published.