ڪراچي ۾ مُئل ڪڪڙيون کپائڻ جو انڪشاف

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پوليس ڪراچي جي علائقي ڪورنگي ۾ مُئل ڪڪڙين جون ٻه سوزڪيون پڪڙي ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، جوابدار مئل ڪڪڙيون ٺٽي مان خريد ڪري اچي رهيا هئا.

عوامي ڪالوني پوليس ڪورنگي جي علائقي 4 نمبر اسٽاپ تي گشت دوران ٻن سوزڪين کي روڪي تلاشي ورتي ته انهن مان مئل ڪڪڙيون هٿ آيون، پوليس ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪري ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو.

پوليس اختيارين موجب برآمد ڪيل ڪڪڙين جو انگ هڪ هزار کان وڌيڪ آهي، گرفتار جوابدارن ۾ حسنين اسلم، جاويد ۽ فاروق شامل آهن.

شروعاتي جاچ ۾ جوابدارن انڪشاف ڪيو ته هو وڏي عرصي کان ٺٽي جي مختلف پولٽري فارمز مان مُئل ڪڪڙيون خريد ڪري گلشن حديد، ڪورنگي ۽ لانڍي جي مختلف علائقن ۾ قائم هوٽلن ۽ مارٽ ۾ وڪرو ڪندا آهن.

پوليس جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.