ٽيپو سلطان جي تلوار نيلاميءَ جا سڀ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا، ڪيتري ۾ نيلام ٿي؟

مشهور مسلمان حڪمران ٽيپو سلطان جي تاريخي تلوار جي لنڊن ۾ نيلامي ٿي جنهن هڪ ڪروڙ 40 لک پائونڊ (پاڪستاني لڳ ڀڳ 4 ارب رپين) ۾ نيلا ٿي اڳوڻا سڀ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا.

پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب نيلاميءَ لاءِ پيش ڪيل اها تلوار ميسور رياست جي حڪمران ٽيپو سلطان جي سڀ کان اهم تلوار هئي جنهن کي سندس محل جي ذاتي حجري مان هٿ ڪيو ويو هو.

Tipu Sultan was killed by British forces on May 4, 1799.

آڪشن هائوس موجب ٽيپو سلطان جي موت کان پوءِ سندس تلوار کي هن جي بهادري عيوض برطانوي ميجر جنرل ڊيوڊ بيئرڊ جي سامهون پيش ڪيو ويو هو.

The sword was found in the sultan's private palace quarters, near where he slept, after his death.

واضح رهي ته ميسور رياست جي حاڪم ٽيپو سلطان کي 18 هين صدي جي آخر.۾ ٿيل جنگين مان شهرت ملي. هن 1775ع ۽ 1779ع جي وچ ۾ ڪيترائي ڀيرا مرهٽن جي خلاف جنگ ڪئي ۽ هن کي پنهنجي سلطنت جي دفاع ڪرڻ تي ”ٽائيگر آف ميسور“ جو لقب ڏنو ويو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.