ڀارت ۾ سرڪاري ملازم جون فون ڊيم ۾ ڪِري پيو جنهن کي ٽوٻا به نه ڪڍي سگھيا ته 3 ڏينهن لاڳيتو موٽر هلائي 21 لک ليٽر پاڻي کي ٻاهر ڪڍيو ويو جنهن مان 1500 ايڪڙ زرعي زمين کي اهو پاڻي ڏئي سگھجي پيو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب ڀارتي رياست ڇتيس ڳڙهه ۾ ڊيم جي ويجهو سيلفي ڪڍڻ وقت سرڪاري ملازم راجيش وشواس جو فون پاڻيءَ ۾ ڪري پيو. هڪ لک رپين جي فون جي ڳولا لاءِ ٽوٻن کي به گھرايو ويو.
ٽوٻن جي ناڪامي تي سرڪاري ملازم انوکي ترڪيب سوچي ۽ 30 هارس پاور موٽر کي لاڳيتو ٽي ڏينهن هلائي ڊيم کي خالي ڪري ڇڏيو.
سرڪاري ملازم 21 لک ليٽر پاڻي زيان ڪري پنهنجون فون حاصل ڪري ورتو ۽ چيو ته سندس فون ۾ اهم سرڪاري رڪارڊ به هو ۽ آئون ڊيم خالي ڪرڻ لاءِ پنهنجي سينيئر کان زباني اجازت ورتي هئي.
پر کاتي سرڪاري ملازم کي معطل ڪري ڇڏيو آهي.