ٻار پالڻ سولو ۽ ڄڻڻ ڏکيو آهي: ناديا خان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مشهور ماڊل، اداڪارا ۽ ٽي وي ميزبان ناديا خان چيو آهي ته ماءُ طور کيس لڳندو آهي ته ٻارن کي ڄڻڻ جي ڀيٽ ۾ انهن کي پالڻ سولو ڪم آهي.

ناديا خان هڪ ٽي وي شو ۾ شرڪت ڪئي جتي هن ٻڌايو ته ٻارن جي پيدائش ۽ انهن کي پالڻ ڪيترو ذميواري جو ڪم آهي.

اداڪارا ناديا خان چيو ته پهرين ٻار جي ڄمڻ کان پوءِ هوءَ ڊپريسن ۾ هلي وئي هئي، ڇو جو سندس ڊليوري خطرناڪ طريقي سان ٿي ٿئي ۽ کيس اهو سمجهه ۾ نه پيو اچي ته ڪهڙي ڪم کي ڪيئن ڪرڻو آهي.

اداڪارا چيو ته کيس لڳندو آهي ته ٻارن کي پالڻ پوءِ به سولو ڪم آهي پر انهن کي ڄڻڻ گھڻو ڏکيو هوندو آهي.

هن ٻارن جي پيدائش کي ڏکيو قرار ڏيندي چيو ته حمل دوران ماءُ کي 9 مهينا کنگهه ۽ بلغم رهندو آهي، کين ٻيون به طبي پيچيدگيون ٿي وينديون آهن، ان ڪري کيس لڳندو آهي ته ٻارن کي ڄڻڻ گھڻو ڏکيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.