تصور ڪريو ته اوهان جهاز ۾ سفر ڪري رهيا هجو ۽ اڏام دوران ڪو مسافر در کولي ڇڏي ته ڇا ٿيندو؟
اهڙو ئي هڪ حيران ڪندڙ واقعو ڪوريا ۾ پيش آيو آهي.
ايشيانا ايئرلائينز جي هڪ جهاز جي اڏام دوران هڪ مسافر جهاز جي لهڻ کان اڳ ايمرجنسي ڊور کولي ڇڏيو.
اهو جهاز ڏکڻ ڪوريا جي شهر ڊاءِ گو ۾ لينڊر ڪرڻ وارو هو ته هڪ مسافر در کولي ڇڏيو، جنهن کانپوءِ تيز هوا مسافرن کي ڊيڄاري ڇڏيو ۽ هنن پنهنجي سيٽن کي پڪڙي ورتو.
ان واقعي جي وڊيو به سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي چڪي آهي.
ڏکڻ ڪورين ميڊيا موجب 30 ورهين کان وڌيڪ عمر جي هڪ شخص ان وقت در کوليو جڏهن جهاز زمين کان 250 ڪلوميٽر مٿي موجود هو.
در کلڻ سبب ڪجهه مسافر بيهوش ٿي ويا جڏهن ته ڪجهه کي ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائي پيش آئي، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
خوش قسمتيءَ سان در کولڻ باوجود جهاز حفاظت سان لينڊ ڪيو ۽ ان تي سوار 194 مسافر محفوظ رهيا.
در کوليندڙ شخص کي پوليس گرفتار ڪري ورتو ۽ اختيارين موجب جوابدار اهو ناهي ٻڌايو ته هن ائين ڇو ڪيو.
جهاز ۾ سوار 44 ورهين جي شخص ٻڌايو ته در جي ويجهوموجود ماڻهو ڊڄي ويا هئا ۽ اهي، هڪ هڪ ڪري بيهوش ٿيڻ لڳا.
هن چيو ته مون کي لڳو ته جهاز ڦاٽڻ وارو آهي ۽ آئون مرڻ وارو آهيان.