آڪسفورڊ يونيورسٽي جو اڳوڻو مسلمان پروفيسر زيادتيءَ جي الزامن مان بري

برن (ويب ڊيسڪ) سوئٽزرلينڊ جي عدالت آڪسفورڊ يونيورسٽي جي اڳوڻي مسلمان پروفيسر طارق رمضان کي زيادتي جي ڪيس ۾ باعزت بري ڪيو ويو.

پرڏيهي خابرو اداري موجب سوئز عدالت پروفيسر طارق رمضان کي ثبوت نه هجڻ تي ريپ جي الزامن مان بري ڪيو ڪري ڇڏيو جڏهن ته ڪوڙا الزام لڳائڻ ۽ ڊيميجز جي مد ۾ کيس 1 لک 67 هزار ڏنڊ ادا ڪرڻ جو به حڪم ڏنو.

57 ورهين جي عورت درخواستگذار پروفيسر طارق رمضان تي الزام لڳايو هو ته هن 2008ع ۾ جنيوا جي هڪ هوٽل ۾ کيس زيادتي جو نشانو بڻايو هو.

درخواستگذار جي وڪيل فيصلي جي خلاف اپيل جو اعلان ڪندي چيو ته درخواستگذار کي ڪيئي ڀيرا جنسي ۽ جسماني تشدد جو نشانو بڻايو ويو.

واضح رهي ته پروفيسر طارق رمضان تي ”مي ٽو مهم“ ذريعي ڪجهه عورتن طرفان الزام لڳائڻ کان پوءِ 2018ع ۾ گرفتار ڪيو ويو هو جڏهن 10 مهينن کان پوءِ کيس الزامن ۾ ضمانت تي آزاد ڪيو ويو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.