ڪراچي ( ويب ڊيسڪ) آفيس جو ڪمپيوٽر رڳو هڪ شيءِ لاءِ هوندو آهي ۽ اهو آهي صرف ڪم، ان کان سواءِ ڪمپيوٽر تي ڪيل ڪائي به چرپر اوهان جي ملازمت لاءِ خطرا وڌائي سگهي ٿي، اها هڪ اهڙي غلطي هوندي آهي جنهن کي اسان غلطي سان به غلطي ناهيون سمجهندا ۽ آفيس جي ڪمپيوٽر کي پنهنجو ذاتي ڪمپيوٽر سمجهندا آهيون، تنهنڪري آفيس جي ڪمپيوٽر تي هي ڇهه ڪم ڪڏهن به نه ڪجو ٻي صورت ۾ اوهان وڏي ڏچي ۾ پئجي سگهو ٿا.
1 ذاتي فائلز
ذاتي فائلن کي ڪڏهن به آفيس جي ڪمپيوٽر ۾ محفوظ نه ڪريو، اوچتو نوڪري ڇڏڻ يا نيڪالي جي صورت ۾ اوهان فائلز ڊليٽ ڪرڻ وساري سگهو ٿا يا اوهان جي پهچ ان تائين ناممڪن به بڻائي سگهجي ٿي، اهڙي صورت ۾ اهي ئي فائلز ڪمپني طرفان اوهان جي خلاف به استعمال ڪري سگهجن ٿيون.
2 ذاتي گوگل سرچ
اوهان جي نيويگيشن هسٽري تائين رسائي حاصل ڪرڻ سڀ کان سولو ڪم آهي ۽ ان بابت سولائي سان پتو لڳائي سگهجي ٿو ته اوهان ڇا سرچ ڪري رهيا آهيو، ان لاءِ پنهنجي آفيس جي ڪمپيوٽر تي ڪڏهن به اهڙيون شيون سرچ نه ڪريو، جن سان اوهان جي آفيس معاملن جو ڪو تعلق نه هجي، ٻي صورت ۾ سرچنگ ڏيکاري اوهان کي شرمسار يا بليڪ ميل به ڪري سگهجي ٿو.
3 ذاتي ڳالهه ٻولهه
گهڻي قدر ملازم اِها ئي غلطي ڪندا آهن ته پنهنجي آفيس جي ڪمپيوٽر تي ئي مختلف سوشل ميڊيا سافٽ ويئرز ذريعي ذاتي ڳالهه ٻولهه شروع ڪري ڇڏيندا آهن، يا رکو اوهان جي اها چيٽ سولائي سان ليڪ ٿي سگهي ٿي انڪري پنهنجا ذاتي سوشل ميڊيا اڪائونٽ ڪنهن به صورت ۾ آفيس جي ڪمپيوٽر تي استعمال نه ڪريو.
4 ذاتي اي ميل
ان معاملن ۾ اوهان جو ذاتي اي ميل اڪائونٽ به شامل آهي، پنهنجي آفيس واري ڪمپيوٽر تي پنهنجو ذاتي اي ميل اڪائونٽ اوپن ڪرڻ کان پاسو ڪريو، ڪڏهن ڪڏهن ڪمپني طرفان ليپ ٽاپ وغيرا ۾ اهڙا سافٽ ويئر به انسٽال ٿيل هوندا آهن جيڪي ملازمن جي هر سرگرمي تي نظر رکندا آهن، تنهنڪري اوهان جي هڪ ننڍڙي غھلطي به اوهان کي وڏي مشڪل ۾ وجهي سگهي ٿي.
5 سرور تي شيئرنگ
اها ڳالهه خاص طور ڌيان ۾ رکو ته پنهنجي ذاتي يا نجي ڄاڻ ڪمپني جي سرور تي ڪنهن به ريت شيئر نه ڪريو، عام طور ڪمپينن جي ميل اڪائونٽ ذريعي گوگل ڊوڪس يا شيٽس يا وري ڊرائيو تخليق ڪئي ويندي آهي، ۽ انڪري ملازمن کي آفيس فائلز سرورز تي رکڻ جي هدايت جاري ڪئي ويندي آهي پر هتي ذاتي معلومات محفوظ ڪرڻ اوهان لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿي سگهي ٿي.
6 ڪمپيوٽر کي لاڪ ڪريو
جيڪڏهن اوهان مان واپس وڃي رهيا آهيو يا وري عارضي طور تي به ٿوري دير لاءِ پنهنجي سيٽ تان اُٿي رهيا آهيو ته پنهنجو ڪمپيوٽر لاڪ ضرور ڪريو، ڪمپيوٽر کليل رکڻ جو مطلب اهو آهي ته اوهان ٻين کي پنهنجي ذاتي معلومات تائين پهچ حاصل ڪرڻ جو اختيار ڏئي رهيا آهيو.