”ڌونيءَ سان انسان نه شيطان ئي نفرت ڪري سگهن ٿا“

احمد آباد ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ٽيم جي آل رائونڊر هاردڪ پانڊيا جو چوڻ آهي ته هو سدائين ڌوني جو ديوانو رهيو آهي ۽ ساڻس نفرت ڪرڻ لاءِ  ماڻهو هڪ شيطان بڻجڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته ڪو به انسان ڌوني سان نفرت نٿو ڪري سگهي.

آءِ پي ايل ۾ اڄ هاردڪ پانڊيا جي ڪپتاني گجرات ٽائٽنز جي ٽيم پهرين پلي آف ۾ مهيندر سنگهه ڌوني جي چئني سُپر ڪنگز سان مهاڏو اٽڪائيندي.

ايم ايس ڌوني ۽ هاردڪ پانڊيا فائل فوٽو
ايم ايس ڌوني ۽ هاردڪ پانڊيا فائل فوٽو

ميچ کان اڳ هارد پانڊيا ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ايم ايس ڌوني جي واکاڻ ڪندي چيو ته ڪيئي ماڻهو سوچيندا آهن ته ماهي( ايم ايس ڌوني ) سنجيدا آهي پر هو ائين نٿو سمجهي.

هاردڪ پانڊيا جو چوڻ هو ته هو ڌوني سان کِل ڀوڳ ڪندو رهندو آهي ۽ هو کيس مهيندر سنگهه ڌوني طور ناهي ڏسندو.

آل رائونڊر چيو ته هن ڌوني وٽان تمام گهڻيون شيون سکيون آهن، مثال طور گهڻو نه ڳالهائڻ، هو مون لاءِ پياري دوست ۽ ڀاءَ وانگر آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.