ٻوڏ پروف گهر ٺاهيندڙ پاڪستاني عورت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سان واسطو رکندڙ ياسمين لاري پهرين عورت ماهر آهي جيڪا ماحولياتي تبديلين جو شڪار ٻهراڙيوارن علائقن ۾ اڏاوتي منصوبا متعارف ڪرائي مقامي برادرين کي آفتن کان تحفظ فراهم ڪري رهي آهي.

82 سالن جي ياسمين لاري پاڪستان۾ 10 لک ماحول دوست گهر تيار ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي جن ۾ نه رڳو مقامي مواد استعمال ڪيو وڃي پر اهي پٺ تي پيل علائقن ۾ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ جو ذريعو به بڻجن.

هو متاثر علائقن ۾ اهڙا گهر تيار ڪري چڪي آهن جن ۾ رهندڙ ڪٽنب تازو ٻوڏ دوران به محفوظ رهيا.

ياسمين لاري

اڏاوتن جي ماهر ياسمين لاري برطانيا مان تعليم حاصل ڪئي ۽ هو ڪراچي ۾ ڪجهه اهم عمارتون به ڊزائن ڪري چڪي آهي جن ۾ پاڪستان اسٽيٽ آئل جي هيڊ ڪوارٽر جي عمارت ۽ لگزري گهر شامل آهي.

هو ريتائرمينٽ وٺڻ واري هئي ته پاڪستان ۾ آيل تباهي کيس ٻهراڙي ۾ ڪم جاري رکڻ تي مجبور ڪيو. هو چوي ٿي ته مون کي حل ڳولڻو پيو يا وري ڪو رستو ڪڍڻو پيو ته مان ماڻهن جي صلاحيتن ۾ واڌ ڪريان ته هو مدد جو انتطار ڪرڻ بدران پنهنجو دفاع پاڻ ڪري سگهن.

ڪراچي کان ڪجهه وٿي تي هونو ڪالوني ڳوٺ جي رهواسڻ خومو ڪوهلي ٻڌائي ٿي ته ٻوڏ دوران به هو گهر ۾ ئي رهندي هئي جڏهن ته ٻيا ماڻهو گهر ڇڏي روڊ تي رهڻ تي مجبور هئا.

ياسمين لاري ٻهراري وارن علائقن ۾ بانس جو استعمال ڪندي اهڙا گهر تيار ڪندي آهي جيڪي ماحولياتي تبديلين کان تحفظ ڏين ٿا.

کيس سندس خدمتن جي اعتراف ۾ رائل انسٽيٽيوٽ آف برٽس آرڪيتيڪٽس هلندڙ سال سون جي ٻلي سان نوازيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.