نيوزيلينڊ خلاف سيريز لاءِ ڪنهن جي ٿيندي واپسي ۽ ڪير ٿيندو گهر ڀيڙو ؟

نيوزيلينڊ خلاف وائيٽ بال ڪرڪيٽ سيريز لاءِ قومي ٽيم ۾ سينيئر رانديگرن جي واپسي جو امڪان آهي.

افغانستان خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ بابر اعظم، محمد رضوان، حارث رئوف، فخر زمان ۽ شاهين آفريدي کي آرام ڏنو ويو هو پر نيوزيلينڊ خلاف سيريز لاءِ سينيئر رانديگرن جي ٽيم ۾ واپسي جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.

ذريعن موجب نيوزيلينڊ خلاف وائيٽ بال سيريز لاءِ صلاح مشورا جاري آهن ۽ هارون رشيد جي سربراهي ۾ قومي سيلڪشن ڪميٽي طرفان امڪاني رانديگرن جي نالن تي غور ويچار ڪيو پيو وڃي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٽن سينيئر رانديگرن جي واپسي جو امڪان آهي جڏهن ته ون ڊي سيريز ۾ سمورن سينيئرن جي واپسي ٿي سگهي ٿي.

ذريعن موجب نيوزيلينڊ خلاف سيريز ۾ آل رائونڊڙ عماد وسين جي جڳهه برقرار رهڻ جو امڪان آهي جڏهن ته احسان الله کي ون ڊي اسڪواڊ ۾ به شامل ڪري سگهجي ٿو.

ذريعن موجب افغانستان خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ شامل وڪيٽ ڪيپر بيٽر محمد اعظم، طيب طاهر ۽ محمد وسيم جونيئر کي نيوزيلينڊ خلاف سيريز ۾ ڊراپ ڪرڻ جوامڪان آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته نيوزيلينڊ خلاف سيريز لاءِ عبدالله شفيق ۽ صائم ايوب مان هڪ رانديگر جڳهه برقرار رکندي سگهندو.

ياد رهي ته پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي سيريز 14 اپريل کان لاهور ۾ شروع ٿيندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.