”چيف جسٽس سياستدانن بدران ججن کي گڏ ڇو نه ٿو ويهاري“

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ)  سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس  سياستدانن کي ته گڏ ويهڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهيو آهي پر پنهنجن ججن کي فل ڪورٽ جوڙي گڏ ويهارڻ لاءِ تيار نه آهي، نتيجي طور اعليٰ عدليا تاريخ ۾ پهريون ڀيرو کليل نموني ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي آهي.

پوري ملڪ ۾ چيف جسٽس  ۽ ڪجهه جج هم خيال طور ڄاتا سڃاتا وڃن ٿا، جڏهن ته آئين ۽ قانون تي عمل ڪرڻ وارن ججن کي چيف جسٽس پاسيرو ڪري ڇڏيو آهي. سياسي ٽياڪڙي عدليا جو ڪم نه آهي.

چيف جسٽس کي سياسي پارٽين کي گڏجي ويهڻ جو درس ڏيڻ بدران بهتر نه آهي ته پنهنجو گهر سنڀالي ۽ ساٿي ججن کي ته گهٽ ۾ گهٽ گڏ ويهاري، حالتون اهڙي هنڌ پهچايون ويون آهن جو اعليٰ  عدليا جي ججن تي عوامي سطح تي کليل تنقيد ٿي رهي آهي.

ناليواري صحافي ڪامران خان ته چيف جسٽس کي معاملو فل ڪورٽ حوالي ڪرڻ يا استعيفا ڏئي ڇڏڻ جي صلاح ڏئي ڇڏي آهي.

سينيئر صحافي سيد عمران شفقت جو چوڻ آهي ته چيف جسٽس کليل نموني ڌر ٿي بيٺو آهي ۽ عمران خان جي ويڙهه وڙهي رهيو آهي.

نواز شريف کي جن چيو ته پارٽي صدر به نٿو رهي سگهي اهي گهڙي چوري ۽ پرڏيهي فنڊ وصول ڪرڻ جي الزام هيٺ آيل عمران خان کي بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ۽ عمران کي بچائڻ لاءِ آئين ۽ قانون جون حدون اورانگهي چڪا آهن،  اهو به وساري  ويٺا آهن ته سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ هن ڀيري پارليامينٽ  پٺيان بيٺل آهي.

وڏي ڳالهه ته سياسي پارٽيون متحد آهن،  عمران پراجيڪٽ جا سهولت ڪار توبهه تائب ٿي چڪا آهن.

نامياري صحافي معظم جو چوڻ آهي ته چيف جسٽس حالتن کي جنهن طرف وٺي وڃي رهيو آهي. ان جي نتيجي ۾ ڪو خطرناڪ طوفان جنم وٺي سگهي ٿو. ڇو ته  سياسي گرمي پد وڌي رهيو آهي، قومي اسيمبليءَ ۾ بلاول ڀٽو زرداريءَ ته ججن کي فرعون چئي وزيراعظم  شهباز شريف  ۽ اسپيڪر کي به ڏڪائي ڇڏيو.

ان مان چيف جسٽس کي به گرمي پد جو اندازو لڳائڻ گهرجي ۽  بچڻ جو واحد رستو  آهي ته فل پئنچ جوڙي وڃي.

نوٽ: زلف پيرزادو جو هي تجزيو روزاني عوامي آواز خميس 30 هين مارچ 2023ع تي شايع ٿيو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.