سج کان 30 ارب ڀيرا وڏو بليڪ هول دريافت

 

فلڪياتي ماهرن سج جي وجود کان 33 ارب ڀيرا وڏو ديوهيڪل بليڪ هول دريافت ڪري ورتو.

عالمي ميڊيا رپورٽن موجب برطانيا جي ڊرهم يونيورسٽي جي سائسندانن جو چوڻ آهي ته ديوهيڪل بليڪ هول هيل تائين جي سڀ کان وڏي دريافت آهي.

اها ريسرچ رائل ايسٽرانوميڪل سوسائٽي جي رسالي جرنل منٿلي نوٽسز ۾ ڇپي، جنهن ۾ سائنسدانن ان دريافت کي ”انتهائي دلچسپ“ قرار ڏنو.

ڊرهم يونيورسٽي جي فزڪس شعبي جي مصنف ڊاڪٽر جيمز نائٽنگيل چيو ته اهو بليڪ هول اسان جي سج کان 30 ارب ڀيرا وڏو آهي ۽ اها هيل تائين جي سڀ کان وڏي دريافت آهي، ان لاءِ اها هڪ انتهائي دلچسپ آهي.

ان کان اڳ ير ايونٽ هورائزن ٽيلي اسڪوپ نامي عالمي سهڪار تنظيم 2022 ۾ ”سيجيٽيريئس اي“ نالي بليڪ هول جي تصوير جاري ڪئي هئي، اهو بليڪ هول اسان جي سج کان 40 لک ڀيرا وڏو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.