اڄڪلهه شهرين کي هر هنڌ گيس جو مسئلو ٿي ويو آهي، سحري جي وقت روز رکڻ کانپوءِ جيڪڏهن چانهه نه پيتي وڃي ته سڄو ڏينهن ٿڪاوٽ ۽ مٿي جو سور رهندو آهي پر گيس انتظاميا جي حالت اها آهي جو ڪيترن ئي علائقن ۾ گيس ٺپ بند ڪئي وڃي ٿي جڏهن ته ڪيترن ئي ۾ وري ڏينهن هجي يا رات اڻ مهلي گيس لوڊشيڊنگ يا گهٽ پريشر ڪري عوام کي پريشان ڪيو وڃي ٿو.
پر اڄ اسان اوهان لاءِ چاندهه ٺاهڻ جو هڪ اهڙو طريقو آهي جنهن بابت توهان سوچي نٿا سگهو، پر مسئلو اهو آهي ته ان طريقي سان چانهه رڳو ٻن يا ٽن ڪوپن تائين ئي ٺاهي سگهجي ٿي، مطلب ته گهڻي مقدار ۾ چانهه ٺاهڻ ٿورو مسئلو آهي. جيڪڏهن توهان کي ٻن ٽن ڪوپن کان وڌيڪ چانهه ٺاهڻ جي ضرورت آهي ته توهان ٻه ٻه يا ٽي ٽي ڪوپ ڪري هڪ کان وڌيڪ ڀيرا چانهه ٺاهي سگهو.
ان چانهه ٺاهڻ لاءِ توهان کي نه گيس جي ضرورت پوندي، نه ئي توهان کي چُلهي جي ضرورت پوندي.
نه رڳو ايترو پر توهان کي ان چانهه ٺاهڻ جي لاءِ باهه جي ضرورت به نه پوندي.
توهان حيران هوندا ته اهو ڪهڙو طريقو آهي جنهن سان اسان جي چانهه به ٺهي ويندي ۽ گيس ۽ چلهي سميت باهه جي به ضرورت نه پوندي.
سحري جي وقت گيس نه هجي ته توهان کي چانهه ٺاهڻ جي لاءِ رڳو استري جي ضرورت پوندي.
بس سائين! استري کي گرم ڪيو ۽ انکي اونڌو ڪري تري واري هنڌ تي ڪو اهڙو ننڍو ٿانوءُ رکو جيڪو انتي پئجي وڃي، چانهه جو ٻاٽو رکي بس استري جي اسپيڊ وڍايو، جيئن ئي استري جي اسپيڊ وڌائيندئو تيئن ئي چانهه اٻرڻ شروع ٿي ويندي. رڳو ڏهه کان پندرهن منٽن ۾ توهان جي چانهه تيار ٿي ويندي.