جيڪب آباد (رپورٽ :حضور بخش سومرو)جيڪب آباد تعلقي ٺل جي 2 يونين ڪائونسلن جي 4 پولنگ اسٽيشنز تي ٽوٽل ووٽن 4386 مان 2366 مرد ۽ 2020 عورتن جي درج ٿيل ووٽن تي ضمني اليڪشن ٿي،ٻنهي يوسيز تي پوليس جا انتظام تمام سخت هئا،ٻنهي يوسيز جا غير حتمي رزلٽ ۾ وڏي اڪثريت سان آزاد اميدوار ڪامياب، پ پ،کي بري شڪست، يوسي ڪوٽ جنگو ۾ پ پ چيئرمين اميدوارن طاهر خان کوسو، ضلع ڪائونسل اميدوار علي ارمان کوسو.16. 16 ووٽ ۽ مير علي 19 ووٽ کنيا،جڏهن ته چيئرمين اميدوار آزاد اميدوار چيئرمين ظفر الله کوسو 658 ووٽ ۽ وائيس چيئرمين اميدوار عبدالمطلب کوسو 651 ووٽ ۽ آزاد اميدوار ڊسٽرڪٽ ڪونسل ميمبر فاروق احمد کوسو 658 ووٽ کڻي وڏي ليڊ سان ڪامياب ٿي ويا،هوڏانهن يوسي ڪريم آباد ۾ پ پ جي چيئرمين اميدوار محمد جعفر بنگلاڻي،ضلع ڪائونسل ميمبر اميدوار ميرغزين خان کوسو ۽ جي يو آء جي چيئرمين اميدوار عبدالماجد چنو، ضلع ڪائونسل جي ميمبر بابل خان مري ۾ مقابلو ٿيو،جڏهن ته پيپلز پارٽي اميدوار جعفر علي بنگلاڻي ۽ وائيس چيئرمين اميدوار عبدالله لاشاري 208 ووٽ کڻي ڪامياب ۽ جي يو آئي جي چيئرمين اميدوار عبدالماجد چنو ۽ وائيس چيئرمين اميدوار دلبر ڪنڊراني 14 ووٽ کڻي سگهيا