اسلام آباد( ويب ڊيسڪ) فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جي ان لينڊ روينيو ملازمن وزيراعظم شهباز شريف کي خط لکي ڪرپشن ڪرڻ جي اجازت گهري ورتي آهي.
خط جي متن ۾ ملازم چيو آهي ته مهانگائي سبب گهرن جو خرچ پگهارن مان پورو نه پيو ٿئي، گهر جو خرچ 1 لک 10 هزار 500 رپيا آهي ۽ پگهار گهٽ آهي.
ملازمن وزيراعظم کي خط لکي چيو آهي ته مهانگائي ۽ خرچن ۾ واڌ سبب مستقبل جي ڪا به بچت ناهي ٿي، نيب، ايف آءِ اي، پي ايم آفيس ۽ ٻين ادارن جي ملازمن جون پگهارون وڌيڪ آهن.
ملازمن جو چوڻ هو ته گهٽ پگهار ۽ مهانگائي سبب گهر جو خرچ پورو ڪرڻ ممڪن ناهي. ملازمن مطالبو ڪيو ته ايف بي آر ان لينڊ روينيو ملازمن کي ايگزيڪيوٽو الائونس ڏنو وڃي.