اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته معاشي، سياسي، انتظاميه مسئلا ۽ چئلينجز عمران خان جي ناڪام پاليسين جو نتيجو آهن. ڪالهه پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته عمران خان سدائين صرف بيان بازي ۽ تقرير ئي ڪئي آهي، قوم ان جي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي مايوس ڪندڙ ڪارڪردگي بابت پڇڻ جو حق رکي ٿي. وزيراعظم چيو ته اڄ جي معاشي، سياسي، انتظامي مسئلا ۽ چئلينجز عمران خان جي ناڪام پاليسين جو نتيجو آهن.