”جنرل باجوا نومبر 2022ع ۾ وڌيڪ توسيع جو خواهشمند هو“

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ن ليگ جي سينيٽر عرفان صديقي چيو آهي ته جنرل باجوا نومبر 2022ع ۾ وڌيڪ توسيع جو خواهشمند هو، هن پاران ميان صاحب کي پيغام پهچايو ويو هو نوازشريف باجوا کي مدي ۾ واڌ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو.

هڪ بيان ۾ هن چيو ته هو باجوا جي پهرين توسيع ۽ قانون سازي جي به خلاف هو، منهنجي راءِ هئي ته عمران خان جي حڪومت کي منطقي انجام تائين پهچڻ ڏنو وڃي، مريم نواز به عدم اعتماد کانپوءِ حڪومت جاري رکڻ جي خلاف هئي.

هن چيو ته نوازشريف ان شرط تي حڪومت وٺڻ تي راضي ٿيو ته قانون سازي کان فوري بعد پي ڊي ايم حڪومت استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندي، اهو به فيصلو به ٿي ويو هو ته مئي 2022ع ۾ شهبازشريف استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندو.

سندس چوڻ هو  ته عمران جي ڌونس پي ڊي ايم کي فيصلو بدلائڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو، عمران کي به اهو پيغام پهچايو ته مئي 2022ع ۾ حڪومت استعيفيٰ ڏيندي، شهبازشريف جنرل باجوا ۽ فوج پنهنجي طور تي به عمران خان کي ٻڌائي ڇڏيو هو.

هن چيو ته فوج عمران خان کي چيو هو ته 25 مئي تي لانگ مارچ ۽ اسلام آباد تي چڙهائي جو ڪو به جواز ناهي، هن سڀ ڄاڻيندي به 22 مئي تي پشاور لانگ مارچ جو اعلان ڪري ڇڏيو، هن جو مقصد اهو ته هو اسلام آباد تي چڙهائي ڪري نين چونڊن جو ڪريڊٽ کڻي وٺندو، هو چونڊون نه، انتشار ۽ هنگامو چاهي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.