اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو آهي ته 2018ع ۾ عمراني حڪومت نه مڙهي وڃي ها ته پاڪستان دُنيا جي اُڀرندڙ معيشت بڻجي وڃي ها.
هڪ بيان ۾ خواجا سعد رفيق جو چوڻ هو ته اقتدار لاءِ فاشست عمران شيطان سان به اتحاد ڪري وٺندو آهي، عمران خان جي چار سالا حڪمراني معاشي بنياديون لوڏي ڇڏيون جنهن سبب مُلڪي سالميت خطري ۾ پئجي وئي.
هن وڌيڪ چيو ته عمران پنهنجي نالائقي سبب پاڪستانين کي پرڏيهي قرضن جي رڪارڊ ٻوجهه هيٺ دٻائي ڇڏيو، اسٽيبلشمينٽ جو اڳوڻو لاڏلو عمران خان هاڻي پاڪستان مخالف طاقتن لاءِ مهري طور استعمال ٿي رهيو آهي.
ريلوي واري وزير خواجا سعد رفيق چيو آهي ته دشمنن جي هٿن ۾ کيڏڻ واري کي ڪپتاني واپس نه ملندي، اقتدار لاءِ عمران خان پاڪستانين کي ابدي غلاميءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙڻ چاهي ٿو.