” عمران خان جا مسئلا سياسي نه نفسياتي آهن“

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) سڌ سماءُ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان جا مسئلا سياسي نه نفسياتي آهن، هو ڌيان هٽائڻ لاءِ وڏيون وڏيون ڪهاڻيون گهڙي رهيو آهي.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته هڪ شخص پنهنجو اقتدار بچائڻ لاءِ هر طريقو استعمال ڪيو، سازشي بيانيو پيش ڪيو ويو جيڪو سندس پوئلڳن ته قبول ڪري ورتو پر لاهور جي عوام کيس رد ڪري ڇڏيو آهي.

سندس چوڻ هو ته ڪالهه لاهور جي ماڻهن عمران خان کي رد ڪري ڇڏيو، هاڪي گرائونڊ ۽ مينارِ پاڪستان جون تصويرون ايڊٽ ڪري پيش ڪيون ويون.

هن پي ٽي آءِ چيئرمين تي تنقيد ڪندي چيو ته عمران خان ماڻهن کي چونڊو آهي ته ڊپ جا بت ٽوڙي ڇڏيو پر پاڻ بلٽ پروف گلاس پٺيان تقرير ڪندو آهي.

وفاقي وزير چيو ته عمران خان مُلڪ جون حالتون سڌارڻ جو چئي ڏهه نقاطي ايجندا پيش ڪئي، هو ڏهه ورهيه ڪي پي ڪي ۾ حڪومت ڪندو رهيو، اتي گورنس ٺيڪ نه ڪري سگهيو، چئن سالن تائين پنجاب ۽ وفاق ۾ به حڪومت ڪندو رهيو، ڇا گورنس ٺيڪ ڪرن جو اِهو مطلب هوته گورنس پنڪي پيرڻي ۽ فرح گوگيءَ جي حوالي ڪري ڇڏجي؟ .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.