اسلام آباد ( م ڊ ) پاڪستان تحريڪ انصاف، پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ چونڊون ملتوي ڪرڻ واري اليڪشن ڪميشن ۽ گورنر ڪي پي جي فيصلن خلاف سُپريم ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو.پي ٽي آءِ اليڪشن تاريخ ۾ ڦيرڦار خلاف گڏيل آئيني درخواست سُپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪري ڇڏي، پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد عمر ،پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر سبطين خان، ڪي پي اسيمبلي جي اسپيڪر مشتاق غني گڏيل آئيني درخواست داخل ڪئي، جڏهن ته تحريڪ انصاف جو سيڪريٽري اسد عمر، محمود الرشيد ۽ عبدالرحمان به گڏيل درخواستگذارن ۾ شامل آهن.آئيني درخواست ۾ وفاق، پنجاب، ڪي پي ڪي، پارلياماني مامرن واري وزارت، قانون واري وزارت کي ڌر بڻايو ويو آهي.تحريڪ انصاف پاران درخواست ۾ اليڪشن ڪميشن جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيڻ جي گذارش ڪندي موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن آئيني مينڊيٽ ۽ عدالت جي فيصلي جي ڀڃڪڙي ڪئي، انڪري اليڪشن ڪميشن جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ۽ الڪيشن ڪميشن کي شيڊول پٽاندڙ ٽيهه اپريل تي چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏنو وڃي،