لاهور(م ڊ) مسلم ليگ ن جي نائب صدر ۽ چيف آرگنائزر مريم نواز چيو آهي ته مشڪلات جيتريون به ڳڀير هجن، وزيراعظم شهبازشريف جو انهن سان مقابلي ڪرڻ جو جذبو ان کان بلند آهي، هن چيو ته حڪومتي اعلانن کي حقيقت ۾ بدلائڻ لاءِ پاڻ ميدان عمل ۾ لهڻ واري کي شهبازشريف چوندا آهن، مريم نواز پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم جي مفت اٽو پوائنٽس تي انتظامن جو جائزو وٺڻ جون تصويرون شيئر ڪندي چيو ته وزيراعظم جو جذبو انتهائي بلند آهي