ٽنڊو محمد خان ۾ زاهد جسڪاڻي جي گرفتاري خلاف احتجاجي مظاهرو

ٽنڊو محمد خان ( رپورٽ : اويس حيدر شورو) ٽنڊو محمد خان مان دهشتگردي ڪيس ۾ گرفتار جيئي سنڌ محاذ جي ضلعي صدر زاهد  جسڪاڻي جي گرفتاري خلاف قومپرست پارٽين، سول سوسائٽي جي طرفان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي ويئي ، ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب آڏو جيئي سنڌ محاذ ، قومپرست پارٽين ۽ سول سوسائٽي جي طرفان جيئي سنڌ محاذ جي ضلعي صدر زاهد جسڪاڻي جي دهشتگردي ايڪٽ ۾ ڪيل گرفتاري خلاف احتجاجي جلوس ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو ، مظاهري کي جيئي سنڌ محاذ جي مختيار خاصخيلي ، ايوب ڪوريجو ، ايس يو پي جي عمران لغاري ، قومپرست عوامي اتحاد جي منور سومرو ، پي ٽي آءِ جي امتياز شاھ ، قومپرست اڳواڻ امتياز نوناري ، ساجد سنڌي ، شاهنواز ، ذوهيب جمالي ، صدام زنگيجو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته پوليس جيئي سنڌ محاذ جي ضلعي صدر زاهد جسڪاڻي کي دهشتگردي ايڪٽ جي لاڳو ڪيل قلمن تحت داخل ڪيس ۾ گرفتار ڪري قانون جي لتاڙ ڪئي آهي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت مان دهشتگردي جا لاڳو ڪيل قلم ختم ڪيا ويا هئا پر وري ڪيس کي ٻيهر نئين سر دهشتگردي جي قلمن سان سٽي ٿاڻي تي نئين ايف آءِ آر داخل ڪئي ويئي آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.