جڳ مشهور فٽبالر ليونل ميسي هڪ ٻيو اعزاز ماڻي ورتو، هو ڪرسٽيانو رونالڊو کانپوءِ 8 سئو گول ڪندڙ فٽبالر بڻجي ويو آهي.
ورلڊ ڪپ کٽڻ کانپوءِ ارجنٽائن ٽيم پهريون ڀيرو هوم گرائونڊ تي ايڪشن ۾ آئي ۽ فرينڊلي ميچ ۾ پاناما کي ٻن گولن تان هارائي ڇڏيو.
پاناما خلاف فرينڊلي ميچ ۾ ٿياگو المادا ارجنٽينا کي سرسي ڏياري ۽ ڪپتان ميسي 89هين منٽ ۾ فري ڪڪ ذريعي گول ڪري پنهنجون 800هون ۽ ميچ جو ٻيو گول ڪيو.
ميسي انٽرنيشنل ڪيريئر ۾ به 99 گول ڪري چڪو آهي، ڪيوراسائو خلاف ايندڙ ميچ ۾ کيس انٽرنيشنل ميچن ۾ گولن جي سينچري مڪمل ڪرڻ جو موقعو ملندو.