جڏهن ڪو ماڻهو بيمار ٿيندوآهي ته کيس ڊاڪٽر تي وڃڻو پوندو آهي ۽ ڊاڪٽر ڏي وڃڻ کانپوءِ دوائن ۽ مهانگي ٽيسٽ ڪرائڻ کانپوءِ ان جو مسئلو حَل ٿيندو آهي، هر علاج لاءِ دوائون مخصوص مرض کي فائدو ته ڏينديون آهن پر نقصان پڻ ڇڏين ٿيون، ان لاءِ اسان وٽ قدرتي طور موجود شين ۾ ئي ايترا فائدا آهن جو جيڪڏهن ڪير به انهن ڏي خيال ڪري ڊاڪٽر ڏي وڃڻ ۽ مهانگيون ۽ نقصانڪار دوائون کائڻ کان بچي سگهجي ٿو.
اهڙي شين مان هڪ ڪارا مرچ ٻيو هيڊ به آهن، جن کي گڏائي کائڻ جا ايترا فائدا آهن جو خبر پوي ته سڀ ڪو انهن کي کائڻ شروع ڪري ڇڏيندو.
ڪارا مرچ
ڪاري مرچن ۾ آئرن، زنڪ، ڪيلشيم، ميگنيشيم ۽ پوٽاشيم موجود هوندو آهي، جڏهن ته وٽامن ڪي، اي، سي به هجن ٿيون انکانسواءِ ڪارا مرچ کائڻ سان جسم ۾ وٽامن ڊي جذب ڪرڻ جي صلاحيت به پيدا ٿيندي آهي. انهن ۾ مختلف وٽامنز سان ۽ معدنيات سان گڏ امائنو ايسڊز به ججهي مقدار ۾ هجن ٿا.
هيڊ جي اهميت
هيڊ اينٽي انفليمينٽري مطلب ته سوڄ کي ختم ڪرڻ واري عنصرن سان مالامال هوندي آهي، هيڊ ۾ به وٽامن سي ۽ بي 6 موجود هجن ٿا. اها اينٽي آڪسيڊنٽس به آهي ۽ جسم مان زهريلي ۽ بيڪار مادن کي نيڪال ڪرڻ جو بهترين ذريعو آهي.
ڪارا مرچ ۽ هيڊ گڏائي کائڻ جا فائدا
هيڊ ۽ ڪارا مرچ گڏائي کائڻ سان جگر صاف ٿيندو آهي ڇو ته جسم مان زهريلا مادا نڪري ويندا آهن، جسم ۾ بيڪار چرٻي تيزي سان ڳرندي آهي. اهو نسخو عورتن کي ڇاتي جي ڪينسر کان به محفوظ رکندو آهي. نه رڳو ايترو پر اهو هاضمي جي نظام کي به تيز ڪندو آهي ۽ پيٽ ۾ گيس وغيره جا مسئلا ختم ڪندو آهي. اينٽي بائيوٽڪ هجڻ جي ڪري سوڄ کي به ختم ڪري ٿو. اهو نسخو هڏين کي طاقت ڏيندو آهي ۽ جوڙن جي سور کان به آرام پهچائيندو آهي.
استعمال جو طريقو
اڌ کاڌي وارو چمچو ڪاري مرچن جي پائوڊر جو ۽ چانهه واري چمچي جو چوٿون حصو هيڊ کڻو. انهن ٻنهي کي گڏائي مرڪب ٺاهي وٺو، هاڻي اهو نسخو توهان چاهيو ته ڪنهن جوس ۾ وجهي پيئو جي چاهيو ته هلڪي گرم پاڻي ۾ وجهي پيئو. نه رڳو ايترو پر انکي ڪنهن به کاڌي تي ٻُرڪي به کائي سگهجي ٿو.
ان نسخي جا ٻيا ته حيران ڪندڙ فائدا آهن پر وزن ايتري تيزي سان گهٽبو آهي جو توهان ڪجهه ئي ڏينهن ۾ پاڻ ئي خبر پئجي ويندي.