مهانگائي حياتيون کسڻ لڳي، پنجاب ۾ سستو اٽو وٺڻ دوران پيرسن فوت

فيصل آباد( م ڊ) فيصل آباد ۾ مفت اٽو ورهائڻ دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب هڪ بزرگ فوت ٿي ويو. وارثن موجب ورهائڻ ۾ بدنظمي سبب پيءُ  حياتي وڃائي ويٺو ۽ اٽو به نه مليو. جڏهن ته اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنهن به غلط فهمي جي ترديد ڪندي چيو ته اٽي جي ورڇ ۾ ڪا به بي ضابطگي نه ٿي آهي، وڌيڪ چيو ته بزرگ شهري پارڪ ٻاهران روڊ تي فوت ٿي ويو. ٻئي طرف پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي مفت اٽي جي فراهمي دوران بدامني جو نوٽيس ورتو. هن مختلف شهرن ۾ بدامني جي واقعن بابت صوبائي انتظاميا کان رپورٽ طلب ڪندي اٽي جي فراهمي جي مرڪزن تي انتظام بهتر ڪرڻ جي هدايت ڪئي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.