اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)اسلام سميت پنجاب، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان جي مختلف شهرن ۾ زلزلي جا شديد جهٽڪا محسوس ڪيا ويا.
پشاور، ڪوهاٽ، صوابي ۾ به زلزلي جا شديد جهٽڪا محسوس ڪيا ويا آهن، انکانسواءِ زلزلي جا جهٽڪا لاهور، ڪوئيٽا ۽ راولپنڊي ۾ به محسوس ڪيا ويا.
جڏهن ته بهاولپور، لوڌران، ڊي جي خان، ميانوالي، خانيوال، ٽوبا ٽيڪ سنگهه، پاراچنار، ڪرڪ ۾ به زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا.
لکي مروت، مردان، باجوڙ، نوشهرا ۽ آسپاس جي علائقن ۾به زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا آهن.
اسڪردو ۽ چلاس ۾ به زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا، ڀَوَ ۾ آيل ماڻهن پهرين ڪلمي جو ورد پڙهندي گهرن کان ٻاهر نڪري رخ ڪيو.
زلزلي جي شدت 6.6 رڪارڊ ڪئي وئي، هن وقت تائين ڪنهن به جاني ۽ مالي نقصانن جا اطلاع ناهن مليا.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته زلزلو پاڪستاني وقت موجب نوَ وڄي ستيتاليهه منٽ تي آيو، زلزلي جو مرڪز افغانستان ۾ هندوڪش جو خطو هو.