گهٽ آمدني وارن کي پيٽرول سبسڊي ڏيڻ تي آءِ ايم ايف خدشا ظاهر ڪري ڇڏيا

 

عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف) چيو آهي ته حڪومت گهٽ آمدني وارن لاءِ پيٽرول تي سبسڊي بابت ڪا مشاورت ناهي ڪئي.

بلوم برگ موجب پاڪستان ۾ آءِ ايم ايف جي نمائندي ايسٽر پيريز ٻڌايو ته پاڪستاني حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن جي حوالي سان موٽر سائيڪل ۽ گاڏين وارن بابت اسڪيم لاءِ ڪو مشورو يا رابطو ناهي ڪيو.

هن چيو ته آءِ ايم ايف اسٽاف ان حوالي سان گڏيل تفصيل چاهي ٿو، جنهن ۾ ان اسڪيم جي ٽرمز اينڊ ڪنڊيشن، لاڳت، ٽارگيٽنگ، اسڪيم جي غلط استعمال ۽ ٻين قدمن بابت حڪومت سان انتهائي محتاط ٿي ڳالهايو ويندو.

واضح رهي ته حڪومت پيٽرول جي وڌندڙ اگهه ۽ مهانگائي کي ڏسندي پيٽرول بابت اسڪيم آڻڻ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن تحت موٽر سائيڪل وارن کي پيٽرول تي 100 رپين تائين سبسڊي ڏني ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.