عورتن جو وڏو مسئلو حَل، چهري تان وار ختم ڪرڻ لاءِ سستو گهريلو ٽوٽڪو

قدرتي طور تي مرد ۽ عورت جي جسم ۾ فرق آهي جيڪڏهن ٻنهي ڪنهن هڪ جي به اصلوڪي بيهڪ ۾ ڪا ڦير ڦار اچي وڃي ته خوبصورتي ۽ پرسنلٽي تي وڏو اثر پوندو آهي. مردن جي چهري تي ڏاڙهي جا وار انهن جي رعب ۽ سونهن کي وڌائيندا آهن پر جيڪڏهن اهي ئي وار ڪنهن عورت جي چهري تي هجن ته نه رڳو ان جي خوبصورتي تي اثر پوندو پر اها شرمندگي محسوس ڪرڻ سان گڏ ڀوائتي نظر ايندي. اهو ئي سبب آهي جو هر عورت پنهنجي چهري تي وار يا بَج ختم ڪندي رهندي آهي جنهن لاءِ مختلف طريقا اختيار ڪيا ويندا آهن.

ڪي عورتون سِڌي ريت اهي وار بليڊ سان به هٽائينديون آهن ڪجهه وري مختلف مهانگيون ويڪسز وغيره جو استعمال ڪنديون آهن جڏهن ته سڀ کان عام ۽ سولو طريقو ڍاڳي سان وارن کي پٽڻ جو استعمال ڪيو ويندو آهي جنهن کي ٿريڊنگ چيو وڃي ٿو، جنهن سان نه رڳو وار پٽڻ ۾ تڪليف ٿيندي آهي پر چهري تي به داغ ٿيندا آهن.

چهري تان وار لاهڻ جي لاءِ ڊاڪٽر مهانگيون ۽ خطرناڪ ليزر ٽريٽمينٽس جو مشورو به ڏيندا آهن جيڪي وقتي طور ته ختم ٿي ويندا آهن پر ڪيترين ڇوڪرين کي شادي ڪرڻ کانپوءِ ساڳيو ئي وري اهي وار ڦٽي نڪري ايندا آهن يا وري انکان به اڳ.

پر سوشل ميڊيا تي ڀارتي ڇوڪري جي وڊيو وائرل ٿي آهي جيڪا گهريلو سستي طريقي سان چهري جا وار ختم ڪري رهي آهي جيڪو عمل تمام فائديمند ثابت ٿي سگهي ٿو.

وڊيو کي ڏسندي ڪجهه تجربن کانپوءِ اسان هتي اوهان لاءِ هڪ اهڙو طريقو آندو آهي جنهن تي عمل ڪري توهان پنهنجي چهري جي وارن کي بنا ڪنهن تڪليف جي نه رڳو ختم ڪري سگهو ٿا پر ٻيهر ڦٽڻ کان به روڪي سگهو ٿا ۽ اهو عمل توهان جي چهري تي ڪي به داغ وغيره ته نه ڇڏيندو اڃا به انکي وڌيڪ خوبصورت بڻائڻ ۾ به مدد ڏيندو.

فوري طور تي اچون ٿا وارن کي ختم ڪرڻ لاءِ انهن شين ڏانهن جنهن جي ضرورت پوندي پوءِ اسان اوهان کي استعمال جو طريقو به ٻڌائينداسين.

شيون

ڪارا مرچ

جون جو اٽو

سرڪو

ويڪس گِلو

بيسڻ

هيڊ

استعمال جو طريقو

انهن سڀني شين کي هڪ جيترو کڻي صحيح نموني پاڻ ۾ ملائي وٺو جنهن وقت گهاٽي پيسٽ تيار ٿي وڃي ته پيسٽ کي پنهنجي چهري جي ان جاءِ تي استعمال ڪيو جتان توهان وار ختم ڪرڻ چاهيو ٿا، اها پيسٽ سُڪي وڃي ته انکي ابتي پاسي مهٽي لاهڻ شروع ڪيو.

اهو عمل هفتي ۾ رڳو ٽي ڀيرا ٻن کان ٽن مهينن تائين ورجائڻ سان توهان جي چهري تان بيڪار وار ختم ٿي ويندا ۽ ٻيهر به نه ڦٽندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.