جڊيشل ڪمپليڪس ۾ هنگامي جو عمران ۽ ٻين اڳواڻن تي ڪيس

اسلام آباد( م ڊ)  اسلام آباد جي عدالت ۾ عمران خان جي پيشي تي هنگامن ۽ ڀڃ ڊاهه جو ڪيس سي ٽي ڊي ۾ داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾ دهشتگردي سوڌو 10 کان وڌيڪ ڏوهن جا قلم شامل ڪيا ويا آهن داخل ڪيل دهشتگردي جي ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جا 50 کان وڌيڪ ڪارڪن ۽ اڳواڻ جوابدار نامزد ڪيا ويا آهن، مراد سعيد، عامر ڪياني، علي امين گنڊاپور، شبلي فراز، اسد عمر، علي اعواڻ ۽ عمر ايوب سوڌو 17 اڳواڻ جوابدارن ۾ شامل آهن .  ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته هنگامن دوران پوليس چيڪ پوسٽ کي نقصان پهچائڻ سان گڏ جڊيشل ڪمپليڪس جا در ۽ شيشا ٽوڙيا ويا، پوليس جي ٻن گاڏين ۽ 7 موٽر سائيڪلن کي باهه ڏني وئي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.