صالح پٽ(ن ع آ)صالح پٽ ڀرسان صوبو مهر ۾ مھر برادريء چاچڙ برادري جي ٻن ڌرين ۾ پلاٽ جي مالڪي تان جهڙو چاچڙ برادري جو امدادي حسين ۳۵سالا امداد حسين ڇاڇڙ لٺين لڳڻ سبب موقعي تي فوت ۽ سائٿ علي ولد نياز حسين چاچڙ، رضا علي، امداد حسين ولد خادم حسين چاچڙ. صوبت علي ولد نياز حسين، ساجد پٽ نياز حسين ۽ سجاد حسين پٽ طالب حسين زخمين علاج لاءِ روھڙي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي نياز حسين ڇاڇڙ جي فرياد تي ارشد مھر، محمد حسن مھر سميت نون ماڻھن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو. پوليس جي ڪارروائي شروع ڌريون مورچابند علائقي ۾خوف پکڙجي ويو، مھر برادري جي چڱي مڙس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته زمين سيدن جي آھي چاچڙن ھلان ڪري حملو ڪيو آھي، صالح پٽ پوليس موجب انڪوائري جاري اھي جلد جھيڙي جو ڪارڻ معلوم ٿي ويندو باقي فريادي جي ڇوڻ مطابق ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.