عمران جا گرفتاري وارنٽ رد،اسلام آباد ميدان جنگ، زمان پارڪ ۾ آپريشن هٿيار هٿ

اسلام آباد (م ڊ) توشا خانا ڪيس ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جا گرفتاري وارنٽ معطل ٿي ويا، جڏهن ته مٿس فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو ۽ ڪيس جي ٻڌڻي 30 مارچ تائين ملتوي ٿي وئي.پي ٽي آءِ ڪارڪنن  ۽ پوليس ۾ ڇڪتاڻ کانپوءِ توشا خانا ڪيس جي ٻڌڻي ايڊيشنل سيش جج ظفر اقبال جي عدالت ۾ ٿي.عمران خان عدالت ۾ پيش ٿيڻ بنا ئي اسلام آباد کان واپس لاهور لاءِ روانو ٿي ويو.عمران خان جي جڊيشل ڪامپلڪيس ۾ پيشي جي موقعي تي پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي وڏي انگ به عدالت ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، انهن عدالتي احاطي ۾ وڃڻ جي ڪوشش ڪئي، پوليس طرفان پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي پوئتي هٽائڻ لاءِ لٺبازي ڪئي وئي.عمران خان جي وڪيل بابر اعواڻ حاضري کان ڇوٽ جي درخواست ڪندي چيو ته ٻڌايو اهڙي صورتحال ۾ ڇا ڪجي، عمران خان کي گاڏي ۾ ئي عدالتي حاضري لڳائڻ جي اجازت ڏني وڃي، جنهن تي سيشن جج ظفر اقبال عمران خان جي گاڏي ۾ حاضري لڳائڻ جي اپيل منظور ڪندي چيو ته عمران خان کان گاڏي ۾ ئي عدالتي حاضري جون صحيحون ورتيون وڃن.ڪارڪنن طرفان جڊيشل ڪامپليڪس کان ٻاهر نه وڃڻ تي عمران خان گاڏي ۾ ئي عدالتي حاضري لڳائي واپس هليو ويو، جڏهن ته پي ٽي آءِ جي مڇريل ڪارڪن عدالت ٻاهران لڳايل بيريئر ٽوڙي ڇڏيا ۽ هڪ گاڏي کي به باهه ڏئي ڇڏي.ذريعن جو چوڻ آهي ته عمران خان اڄ حاضري نه لڳائي، جڏهن ته شاهه محمود قريشي دعويٰ ڪئي آهي ته عمران خان جي حاضري جو قانوني عمل مڪمل ڪيو ويو.توشا خانا ڪيس جي ٻڌڻي دوران ان وقت دلچسپ صورتحال پيدا ٿي، جڏهن عمران خان جو عدالتي حاضري تي صحيح وارو فائل ئي گم ٿي ويو.ٻڌڻي دوران عمران خان جي وڪيل خواجا حارث دليل ڏنا ته عدالت جيڪو فيصلو ڏنو، ان تي عمران خان کان صحيحون ورتيون، ايس پي ثمين ملڪ فائل مون کان ورتو هو.ايڊيشنل سيشن جج ظفر اقبال پڇاڻو ڪيو ته درخواست ڪٿي آهي؟ جنهن تي ايس پي چيو ته درخواست شبلي فراز کي ڏني وئي هئي.وڪيل گوهر علي چيو ته مان فائل نه ڏيڻ چاهيو، جڏهن ته ايس پي چيو مون کي ڌڪ لڳو آهي، مون وٽ صحيح ٿيل درخواست ناهي.فاضل جج ريمارڪس ڏنا ته تمام اهم فيصلو آهي، قانوني رڪارڊ آهي ان کي ڳوليو، جنهن تي ايس پي چيو ته مان صحيح ٿيل فيصلو واپس آڻيندس.خواجا حارث عدالت کي چيو ته فرد جرم اڄ ته نٿو ٿي سگهي، جنهن تي جج ظفر اقبال چيو اميد آهي ته ايندڙ ٻڌڻي ايف ايٽ ڪچهري ۾ ٿيندي.اليڪشن ڪميشن جي وڪيل عدالت کي تجويز ڏني ته ڇنڇر ڏينهن توشا خانا ڪيس جي ٻڌڻي رکي ڇڏيو.ايڊيشنل سيشن جج عمران خان تي فرد جرم جي ڪارروائي ملتوي ڪندي تحريڪ انصاف چيئرمين جا گرفتاري وارنٽ رد ڪيا ۽ ڪيس جي ٻڌڻي 30 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.جج ظفر اقبال چيو ته 30 مارچ تي ڪيس ٻڌڻي جوڳو هجڻ تي دليل ٿيندا، عمران خان جي حاضري به ٿيندي، اها الڳ ڳالهه آهي ته ان ڏينهن صورتحال ڪهڙي هوندي، عمران خان جي پيشي جي موقعي تي جڊيشل ڪمپليس ميدان جنگ بڻيل رهيو، پوليس ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪنن وچ ۾ چڪريون ٿينديون رهيون، پوليس چوڪي کي باهه ڏني وئي، مڇريل ماڻهن 25 کان وڌيڪ موٽرسائيڪلون ۽ گاڏيون ساڙي ڇڏيون، بم ڊسپوزل اسڪواڊ جي گاڏي ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي، پوليس تي پيٽرول بمن، گليلين سان حملا ڪيا ويا، 35 اهلڪار ۽ 5 شهري زخمي ٿي پيا،اسلام آباد پوليس چيو ته مظاهرين پاران پوليس تي ٽيئر گئس شيل هلايا ويا، پوليس جي لٺبازي شبلي فراز، مراد سعيد ۽ ٻيا ڪيترائي ڪارڪن زخمي ٿي پيا آهن،پوليس جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ ڪارڪنن پاران گلگت پوليس جا شيل فائر ڪيا ويا آهن، اسلام آباد به جنگ جو ميدان بڻجي ويو آهي، پوليس مٿان به پٿراءُ ڪيو پيو وڃي،آءِ جي اسلام آباد جو چوڻ هو ته بنا جواز پوليس مٿان پي ٽي آءِ ڪارڪنن پٿراءُ ڪيو، پوليس مٿان شيلنگ ڪئي وئي آهي ۽ اها نئين ڳالهه آهي ته پوليس مٿان شيل اڇلايا ويا آهن، پوليس صبر کان ڪم وٺي رهي آهي، پوليس وٽ هٿيار نه آهن

لاهور(م ڊ) لاهور پوليس زمان پارڪ ۾ آپريشن ڪيو ۽ گيٽ ٽوڙي عمران خان جي گهر جي اندر داخل ٿي وئي، پوليس سان گڏ موجود اينٽي

انڪروچمينٽ جي ٽيم ڪرين ذريعي عمران خان جي گهر جو دروازو ۽ ڀت ٽوڙي، رهائش گاهه ٻاهران موجود مورچن ۽ حددخلين کي به هٽايو ويو، آپريشن دوران مزاحمت تي پوليس پي ٽي آءِ جي 40 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو، عمران خان جي گهر اندريان پوليس اهلڪارن تي فائرنگ ڪئي وئي، پيٽرول بم ۽ پٿر به اڇلايا ويا جنهن سبب 3 کان وڌيڪ اهلڪار زخمي ٿي پيا، پوليس عمران خان جي گهر مان پيٽرول بم بڻائڻ واريون بوتلون، گليليون، چدا، رائفلون،  5ڪلاشنڪوف ۽ گوليون به هٿ ڪيون، عمران خان چيو ته زمان پارڪ جي گهر ۾ بشريٰ بي بي اڪيلي هئي، اهو ڪهڙي قانون تحت ڪري رهيا آهن؟ پوليس عمران خان جو بورچي به گرفتار ڪري ورتو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.