اسلام آباد (ظفر نقوي ) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جون 3 آڊيو لاڳاپيل اختيارين ۽ چيف جسٽس وٽ پهچي ويون آهن. نامياري صحافي موجب آئيني اداري جي سربراهه تائين اهي آڊيو پهچائڻ جو ڪو مقصد ٿي سگهي ٿو. ڇو ته اهي آڊيو اڃان تائين سوشل ميڊيا تي وائرل نه ٿيون آهن، صرف خاص شخصيتن ۽ اسٽيبلشمينت تائين پهتيون آهن. چيو وڃي ٿو ته هڪ آڊيو اهڙي به آهي، جنهن ۾ آئيني اداري جو سربراهه فون تي عمران خان سان ڳالهائي رهيو آهي. ڏسڻو آهي ته آڊيو سوشل ميڊيا تي ليڪ ٿين ٿيون يا ڪنهن مصلحت تحت اهي وائرل ٿيڻ کان روڪيون وڃن ٿيون. ڇو ته جن شخصيتن اهي آڊيو ٻڌيون آهن انهن جو چوڻ آهي ته اهي انتهائي خطرناڪ آهن.