دادو(ڊ ر) دادو ويجهو ڪچي جي علائقي ۾ واقع ڳوٺ الھ بخش ڪورائي جي آبادگارن احمد خان ڪورائي، محمد رمضان ڪورائي، قلندربخش ڪورائي دادو پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري بااثر ماڻهن ۽ جهلو پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي، پريس ڪلب ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي ڳوٺاڻن چيو ته اسان زمين تي ڪڻڪ جي ڪٽائي لاءِ پهتاسين ته هٿيار بند غلام مصطفيٰ عرف پلو، رستم عرف بگو ۽ ٻين اسان جي مٿان فائرنگ ڪري ڌمڪائي 5 لک روپيه ڀتو گهريو آهي ڀتي جي رقم ڏيو نه ته زمين تي نه اچو، واقعي جو جهلو ٿاڻي تي ڪيس به داخل ڪرايو آهي پوليس ڪاروائي ڪرڻ لاء تيار نه آهي، گذريل 3 ڏينهن کان ڏوهاري ماڻهو اسان جي گهرن مٿان وقفي وقفي سان فائرنگ ڪري حراس پکيڙي رهيا رهيا آهن هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج دادو ۽ ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو ته ڀتي خورن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري اسان کي تحفظ ڏنو وڃي.