ڄامشوري ۾ ڳوٺاڻن جو خانگي ڪمپني جي ٺيڪيدارن جي ناجائزين خلاف ڌرڻو

ڄامشورو( ڊ ر ) ڄامشورو ۾ خانگي دوا ساز ملٽي نيشنل ڪمپني جي ايس ڪي ۽ ان ۾ ڪم ڪندڙ پرائيويٽ ٽرانسپورٽ انچارج ملڪ آصف ۽ ڄامشورو پوليس جي ناجائزين خلاف ڳوٺ چاڪر خان راڄڙ جي رهواسين پاران احتجاج مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي عرفان راڄڙ، ديدار راڄڙ، اشتياق راڄڙ، عمران راڄڙ ۽ ٻين جو چوڻ هو ته علائقي جي خانگي ملٽي نيشنل ڪمپني جي ايس ڪي جا عملدار ۽ پرائيويٽ ٽرانسپورٽ ٺيڪيدار ملڪ آصف زبردستي اسان جي ذاتي زمين ۽ آبادي واري علائقن مان ٽريفڪ واريون گاڏيون اسپيڊ مان گذاري رهيا آهن جنهن سبب ڪيترائي ڀيرا ايڪسيڊنٽن جا واقعا پيش اچي چڪا آهن. هنن چيو ته منع ڪرڻ تي ٺيڪيدار ملڪ آصف پوليس کي ڳري رشوت ڏئي اسان جي 80 سالا پيرسن والد محمد عثمان راڄڙ ۽ اسان 5 ڀائرن تي دهشتگردي جي ڪوڙي ايف آءِ آر داخل ڪرائي آهي. ھنن چيو ته ڳري رشوت وٺڻ بعد ڊي ايس پي ڪوٽڙي رياض ۽ ايس ايڇ او ڄامشورو مظهر نائچ اسان جي پيرسن ۽ دل جي مريض والد کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪرڻ بعد اسان خلاف به تر تپائي ڏنو آهي, هنن اعلي’ اختارن کان مطالبو ڪيو آهي ته معاملو جو نوٽيس وٺي گرفتار ڪيل پيرسن محمد عثمان راڄڙ کي آزاد ڪيو وڃي ۽ دهشتگردي جي ايف آءِ آر ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاجي ڪندي انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.